اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ قدرتي وسيلن جي استعمال لاءِ موثر قدم ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، غيرقانوني کوهن جي کوٽائي خلاف سخت قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پيٽروليم ڊويزن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ پاور ۽ پيٽروليم واري نگران وفاقي وزير محمد علي، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي پيٽروليم ڊويزن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بي پناهه قدرتي وسيلن جي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. قدرتي وسيلن تائين پهچ جي لاءِ روڊ انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، غيرقانوني کوهن جي کوٽائي کي روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن، آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي سربراهه جي جلد مقرري جي لاءِ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن. بريفنگ دوران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيٽروليم ڊويزن پروڊڪشن ان هانسمينٽ پروگرام تي ڪم ڪري رهي آهي. پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ وڌيڪ قدرتي وسيلا ڳولڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پيٽروليم ڊويزن منرل سيڪٽر ڊيولپمينٽ فريم ورڪ جوڙي رهي آهي ۽ مائننگ سيڪٽر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.