اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پي آءِ اي جي نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ تفصيلي پلان اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن جو ٻين شهرن سان فضائي رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، اڏامن جا وقت مسافرن جي سهولت موجب رکيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (رٽائرڊ) فرحت حسين، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم کي پي آءِ اي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڏورانهن علائقن جو ملڪ جي ٻين شهرن سان فضائي رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. پي آءِ اي جي اڏامن جا وقت مسافرن جي سهولت موجب رکيا وڃن. پي آءِ اي هڪ اهم قومي ادارو آهي جنهن ماضي ۾ شاندار فضائي سروسز فراهم ڪيون ۽ سڄي دنيا ۾ نالو ڪمايو. پي آءِ اي کي هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين ادارو بڻائڻ جي لاءِ پي آءِ اي مئنيجمينٽ ۽ هوابازي ڊويزن ڏينهن رات ڪم ڪري. پي آءِ اي جي ري اسٽرڪچرنگ جي حوالي سان تفصيلي پلان جلد کان جلد اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ پيش ڪيو وڃي. پي آءِ اي ايڪٽ 2016ع ۾ تازي ترميم سان پي آءِ اي جي ري اسٽرڪچرنگ جي راهه هموار ٿي آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي اڏامن جا وقت مسافرن جي سهولت موجب رکيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پي آءِ اي انتظاميا ۽ هوابازي ڊويزن ڏينهن رات ڪم ڪن ۽ پي آءِ اي جي ري اسٽرڪچرنگ جي حوالي سان تفصيلي پلان جلد کان جلد اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ پيش ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي ايڪٽ 2016ع ۾ تازي ترميم سان پي آءِ اي جي ري اسٽرڪچرنگ جي راهه هموار ٿي آهي.