اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سوشل ميڊيا تي نگران وزيراعظم سان لاڳاپيل مهانگائي بابت خبرن کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي پر اها قوم جي توهين به آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ٽوئيٽر هينڊلر ”فيڪٽ چيڪر“ نگران وزيراعظم سان واڳيل مهانگائي بابت جعلي خبرن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته اسان سڀني جي ذميواري اهي ته غيرذميواراڻي رويي ۽ فيڪ نيوز کي رد ڪريون.