اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مغدم ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته مند پشين سرحدي بازار جو تازو افتتاح نه رڳو سرحدي علائقن جي معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو مظهر پڻ ثابت ٿيندو. ايراني صدر جي ”پاڙيسري سڀ کان اڳ“ جي پاليسي جي حوالي سان نگران وزيراعظم چيو ته ايراني صدر جي اها پاليسي علائقائي ترقي ۽ رابطن جي لاءِ پاڪستان جي ويزن سان پوري طرح هم آهنگ آهي. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي لاءِ پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن وڌ کان وڌ واپار جي ذريعي علائقائي امن، رابطن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏئي سگهجي. ايراني سفير ان موقعي تي چيو ته ايران ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي معيشت، توانائي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تازي مثبت رخ کي اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي.