راولپنڊي – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي معاشي چئلينجز درپيش آهن، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ 15 مهينن ۾ ڀرپور ڪوششون ڪيون، دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، هر 15 ڏينهن کانپوءِ تيل جي قيمتن جو اعلان ڪيو وڃي ٿو، ڀائر ملڪن وانگر تيل اسان وٽ هجي ته عوام کي سستو تيل ڏيون، پر اسان وٽ تيل ۽ گئس نه آهي، عالم سڳورن جي احترام سان دين ۽ دنيا جون ڪاميابيون ملن ٿيون، پاڪستان کي امن ۽ استحڪام ۽ ڀائيچاري جي ضرورت آهي، ڪِستو ٽوڙي ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اداره تعليمات اسلاميه جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اداره تعليمات اسلاميه جو دورو ڪري خوشي ٿي آهي، هي ادارو اسلامي تعليم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن اداري سان 36 سالا پراڻو تعلق آهي، ڪيترائي ڀيرا پير سيد رياض حسين شاهه جي جمعي جو خطبو ٻڌڻ جو موقعو مليو، اسان جو قائد انهن خطبن مان فيض ياب ٿيو. ان جون دين جي لاءِ بي پناهه خدمتون آهن، اسان عالم سڳورن جي دل سان عزت ڪريون ٿا. انهن سان دين ۽ دنيا ملي ٿي. پاڪستان کي اڄ جيتري قدر استحڪام، امن، ڀائيچاري، يڪجهتي ۽ اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي، شايد تاريخ ۾ ڪڏهن ايتري ضرورت نه پئجي هجي. هن چيو ته ملڪ کي معاشي چئلينجز درپيش آهن. ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ 15 مهينن ۾ ڀرپور ڪوششون ڪيون. دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، هر 15 ڏينهن کانپوءِ تيل جي قيمتن جو اعلان ڪيو وڃي ٿو، ڀائر ملڪن وانگر تيل اسان وٽ هجي ته عوام کي سستو تيل ڏيون، اسان وٽ تيل گئس نه آهي پر زراعت، معدنيات سميت ٻين وسيلن سان پاڪستان مالامال آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ جا حڪم مڃون ۽ انسانيت جي سچي دل سان خدمت ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته 15 مهينن دوران الله تعاليٰ جي فضل ۽ انهن هستين جي دعائن جي ڪري ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، اسان کي ملڪ کي معاشي ترقي جي لاءِ اڳتي وٺي وڃڻو آهي، ان جي لاءِ قوم ۾ ٻڌيءَ ۽ هم آهنگي هجي، قرضن کان اسان کي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو. قرض وٺڻ افيون جهڙي بيماري آهي. ان مان ڇوٽڪاري جي لاءِ اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻ ۽ سمورن وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ خاص طور تي نوجوان باصلاحيت آهن، ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي اچي سگهي ٿي، نوجوانن کي نوڪرين جا موقعا ملڻ سان اهي پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندا. هن چيو ته حڪومت زراعت، آءِ ٽي، معدنيات جي شعبي ۾ ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، انهن وسيلن مان فائدو کڻي اسان قرض وٺڻ بدران ڏيڻ وارا بڻجي سگهون ٿا. هن چيو ته انهن بزرگن جي دعائن سان نواز شريف وزيراعظم بڻيو، آئون پاڻ خادم اعليٰ ۽ وزيراعظم بڻيس. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي پير سيد رياض حسين شاهه چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هن اداري جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ سندس لڳايل بوٽو هاڻي وڌي وڻ بڻجي چڪو آهي.