اسلام آباد_ 20 آگسٽ (اي پي پي ) پاڪستان جي مجموعي پيٽروليم گروپ جي آمدني واپار جي بل ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني جولاءِ دوران گذريل سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 5.19 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي ۽ اها 1.27 ارب ڊالرن جي سطح تي اچي وئي آهي. پاڪستان جي انگن اکرن واري اداري مطابق جولاءِ 2026ع ۾ پيٽروليم گروپ جو مجموعي آمدني واپار 276.732 …
پيٽروليم مصنوعات جي آمدني واپار جي بل ۾ 5.19 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد_ 20 آگسٽ (اي پي پي ) پاڪستان جي مجموعي پيٽروليم گروپ جي آمدني واپار جي بل ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني جولاءِ دوران گذريل سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 5.19 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي ۽ اها 1.27 ارب ڊالرن جي سطح تي اچي وئي آهي. پاڪستان جي انگن اکرن واري اداري مطابق جولاءِ 2026ع ۾ پيٽروليم گروپ جو مجموعي آمدني واپار 276.732 ملين ڊالر رهيو جڏهن ته جولاءِ 2025ع ۾ اهو 346.552 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو . انگن اکرن مطابق پيٽروليم مصنوعات جو آمدني واپار 22.61 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 491.492 ڊالرز رهيو . جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 635.049 ملين ڊالرز هو. اهڙي طرح مائع گيس قدرتي گيس (ايل اين جي ) جو آمدني واپار به 23.60 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 176.680 ملين ڊالر رهيو جڏهن ته گذريل سال ان مهيني ۾ 231.262 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي پيٽروليم ڪچي تيل جي آمدني واپار ۾ 29.81 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو 398.182 ملين ڊالرز کان وڌي 516.898 ملين ڊالرز ٿي ويو آهي. ايل پي جي جو آمدني واپار به 11.71 سيڪڙو جي اضافي سان 91.662 ملين ڊالرز رهيو جڏهن ته گذريل سال جولاءِ ۾ اهو 82.054 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو. ماهوار بنيادن تي به جولاءِ 2026ع ۾ پيٽروليم گروپ جي آمدني واپار ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ٿي. جون 2026ع ۾ 909.515 ملين ڊالرن جي آمدني واپار جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ پيٽروليم گروپ جي آمدني واپار جو بل 33.14 سيڪڙو گهٽ رهيو.








