قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سوالن جا جواب نه اچڻ، وزيرن ۽ آفيسرن جي غير حاضري تي اجلاس جي ڪارروائي 15 منٽن لاءِ معطل ڪري ڇڏي

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايوان ۾ مسلسل ٽن سيشنز کان سوالن جا جواب نه ملڻ، لاڳاپيل وزيرن ۽ وزارتي نمائندن جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رولنگ ڏني ته جيڪڏهن وزير ۽ وزارتون سوالن کي سنجيده نٿا وٺن ته سوالن وارو وقفو ختم ڪري ڇڏيون ٿا. اسپيڪر بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سيڪريٽري سميت سمورن اعليٰ آفيسرن کي …

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايوان ۾ مسلسل ٽن سيشنز کان سوالن جا جواب نه ملڻ، لاڳاپيل وزيرن ۽ وزارتي نمائندن جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رولنگ ڏني ته جيڪڏهن وزير ۽ وزارتون سوالن کي سنجيده نٿا وٺن ته سوالن وارو وقفو ختم ڪري ڇڏيون ٿا. اسپيڪر بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سيڪريٽري سميت سمورن اعليٰ آفيسرن کي فوري طلب ڪري ورتو جڏهن ته سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت جو جواب ڏيڻ لاءِ وزير جي غير حاضري تي اجلاس جي ڪارروائي 15 منٽن لاءِ معطل ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي جو اجلاس خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. تلاوت، حمد، نعت ۽ قومي تراني کانپوءِ سوالن وارو وقفو شروع ٿيو. قومي اسيمبلي جي ميمبر محمد الياس چوڌري اعتراض واري نقطي تي چيو ته بين الصوبائي رابطن واري وزارت بابت سندس سوال گذريل چئن پنجن مهينن کان التوا جو شڪار آهي ۽ اجلاس کانپوءِ اجلاس گذرڻ جي باوجود ان جواب ايوان ۾ پيش نه پيو ڪيو وڃي. ان تي اسپيڪر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 26 هين سيشن جو سوال 29 هين سيشن تائين پهچي چڪو آهي پر جواب ناهي ڏنو ويو ۽ نه ئي لاڳاپيل وزارت جو ڪو نمائندو يا آفيسر گئلري ۾ موجود آهي. اسپيڪر رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن حڪومت ۽ وزارتن کي پارلياماني بزنس کي اهڙي طرح غير سنجيده وٺڻو آهي ته پوءِ سوالن واري وقفي جو سلسلو ئي بند ڪيو وڃي. هن چيو ته سيڪريٽريز ۽ ايڊيشنل سيڪريٽريز کي ڇوٽ ڏني وئي هئي ته جوائنٽ سيڪريٽريز ايوان ۾ اچن پر هنن به اچڻ پسند نه ڪيو. اسپيڪر فوري حڪم جاري ڪندي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪشن آفيسر کي فوري طور تي ايوان ۾ طلب ڪيو ۽ پابند ڪيو ته هو اجلاس جي ڪارروائي جي پڄاڻي تائين گئلري ۾ موجود رهن. هن معزز ميمبر محمد الياس چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ايندڙ سيشن ۾ به جواب نه آيو ته پوءِ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ۽ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير خلاف فوري استحقاق واري رٿ پيش ڪريو. ايوان ۾ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ معذرت ڪندي چيو ته ان غير سنجيده رويي تي لاڳاپيل عملدارن خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو ويندو، وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري وضاحت ڏني ته ڪجهه وزير مصروفيتن سبب وقت تي نه پهچي سگهيا ۽ وزارتن جي طرفان وقت سر آگاهي نه ڏني وئي. ان کانپوءِ شائسته پرويز جي سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت بابت سوال نمبر 56 تي لاڳاپيل وزير جي غير موجودگي تي اسپيڪر سردار اياز صادق سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ وزيرن ۽ آفيسرن جي وقت سر حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي 15 منٽن لاءِ معطل ڪري ڇڏي.

مزید خبریں