اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پينشنرز جي لاءِ پروف آف لائيف جي جديد نظام جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته پينشنرز جي لاءِ نئون بائيو ميٽرڪ ۽ چهري جو تصديقي نظام انسانيت جي وڏي خدمت آهي، جديد ڊيجيٽل سسٽم ۽ ايپ سان لکين پينشنرز فائدو کڻندا، نئين نظام سان پينشنرز جي بئنڪن جا چڪر ختم ٿي ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار خميس …
وزيراعظم پاران پينشنرز جي لاءِ پروف آف لائيف جي جديد نظام جو افتتاح، پينشنرز جي لاءِ نئون بائيو ميٽرڪ ۽ چهري جو تصديقي نظام انسانيت جي وڏي خدمت آهي، جديد ڊيجيٽل سسٽم ۽ ايپ سان لکين پينشنرز فائدو کڻندا: محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پينشنرز جي لاءِ پروف آف لائيف جي جديد نظام جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته پينشنرز جي لاءِ نئون بائيو ميٽرڪ ۽ چهري جو تصديقي نظام انسانيت جي وڏي خدمت آهي، جديد ڊيجيٽل سسٽم ۽ ايپ سان لکين پينشنرز فائدو کڻندا، نئين نظام سان پينشنرز جي بئنڪن جا چڪر ختم ٿي ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار خميس ڏينهن هتي پينشنرز جي لاءِ پروف آف لائيف سرٽيفڪيٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پينشنرز جي لاءِ نئون نظام تمام وڏي خدمت آهي، نئين بائيو ميٽرڪ ۽ چهري جو تصديقي نظام انسانيت جي خدمت آهي، نادرا پاران جديد پينشن ايپ ۽ تصديقي نظام مفت فراهم ڪيو ويو آهي، ان قدم تي ناڻي وارو وفاقي وزير، نادرا چيئرمين ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري مبارڪباد جا مستحق آهن. هن چيو ته نئين نظام سان بزرگن ۽ معذورن کي آساني ٿيندي، نئين نظام سان پينشنرز جي بئنڪن جا چڪر ختم ٿي ويندا. هن چيو ته جديد ڊيجيٽل سسٽم ۽ ايپ سان لکين پينشنرز فائدو کڻندا، حڪومت ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ ڊيجيٽل پاڪستان جو سفر جاري آهي، ان سفر ۾ نادرا اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پينشنرز جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻايو ويو آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پينشن جي نظام ۾ شفافيت ايندي. هن چيو ته راست نظام جي ذريعي ادائيگي ۾ تيزي ۽ شفافيت آئي آهي، چهري جو تصديقي طريقيڪار پينشنرز جو پراڻو مطالبو هو، تصديقي عمل جي سهولت مفت فراهم ڪئي ويندي. تقريب ۾ پروف آف لائيف سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ بابت رهنمائي تي ٻڌل وڊيو پڻ ڏيکاري وئي.











