پاڪستان دفاعي فوجي ايڪٽ 2026ع، نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (ترميمي) بل 2026ع تحت چيف آف ڊفينس فورسز جي آفيس قائم ڪئي وئي آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان دفاعي فوجي ايڪٽ 2026ع، نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (ترميمي) بل 2026ع تحت چيف آف ڊفينس فورسز جي آفيس قائم ڪئي وئي آهي ۽ انهن اختيارن جي به وضاحت ڪئي وئي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي، قانونسازيءَ جو اختيار وفاقي حڪومت وٽ هوندو ۽ ان ۾ جيڪڏهن ڪو …

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان دفاعي فوجي ايڪٽ 2026ع، نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (ترميمي) بل 2026ع تحت چيف آف ڊفينس فورسز جي آفيس قائم ڪئي وئي آهي ۽ انهن اختيارن جي به وضاحت ڪئي وئي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي، قانونسازيءَ جو اختيار وفاقي حڪومت وٽ هوندو ۽ ان ۾ جيڪڏهن ڪو شڪ اچي ته صدرِ مملڪت صدارتي حڪم سان ان کي ختم ڪندو ۽ اهي سمورن قانونن ۾ هوندو آهي. خميس ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڪجهه ميمبرن طرفان منظور ڪيل انهن ٻن بلن جا تفصيل پُڇڻ تي هن ٻُڌايو ته هي هڪ نج فني قانون آهي، ڪمانڊ اٿارٽي جي 2010ع جي قانون ۾ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽيءَ جو ذڪر هو، ان جي جاءِ تي هاڻ چيف آف ڊفينس فورسز جي ترميم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هڪ جاءِ تي ڪمانڊر آف اسٽريٽجڪ فورسز شامل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ٻئي قانون تحت چيف آف ڊفينس فورسز جي آفيس قائم ٿي آهي، ان جي فنڪشنز ۽ اختيارن جي وضاحت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته آئين تحت ڪنهن قيديءَ کي جيل کان ٻاهر منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ طريقيڪار موجود آهي، ان جو هڪ ميڊيڪل بورڊ بڻجي ٿو ۽ اهو ميڊيڪل بورڊ ڏسندو آهي ته جيل اندر علاج ٿيڻو آهي يا جيل کان ٻاهر منتقل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن جيل کان ٻاهر علاج ڪرائڻ ضروري آهي ته هميشه کان سرڪاري اسپتال تجويز ڪئي ويندي آهي، ان اسپتال جو بورڊ يا لارجر بورڊ ويهندو ۽ اهو چوي ته ان اسپتال يا پاڪستان جي ٻين اسپتالن ۾ اهو علاج نه ٿي سگهي ته پوءِ ٻاهر اُماڻڻ جو مشورو ڏيندو آهي، اسان اها وضاحت گهري آهي ته ڇا ڪنهن قيديءَ کي اها سهولت ڏئي سگهجي ٿي ته هو شفا انٽرنيشنل يا آغا خان اسپتال ۾ علاج جي فرمائش ڪري يا ڪنهن ٻي اسپتال جي خواهش ظاهر ڪري ته ان جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي يا اهو اسپيشل ڪيس طور تي هڪ ڀيري جي اجازت آهي يا جيئن آئين جي آرٽيڪل 25 ۽ آرٽيڪل 4 جو روح برقرار رهي ۽ ان ۾ ڪا شڪ واري ڳالهه به نه هجي. هن چيو ته اٽارني جنرل آفيس ريويو واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ ان تي شايد اڄ عملدرآمد ڪري ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيندو، ان ۾ ڪا شيءِ لِڪل ناهي.

مزید خبریں