جيڪڏهن ماهيگير خوشحال آهي ته اسان جو ملڪ به خوشحال ٿيندو پر کين غير قانوني ماهيگيري ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ، غير قانوني ڄار استعمال ڪندڙن کي روڪڻ لاءِ اسان ڏنڊ ۽ سزائن ۾ پڻ واڌ ڪئي آهي: صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي

ڪراچي -20 آگسٽ (اي پي پي) لائيواسٽاڪ ۽ فشريز بابت صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته جيڪڏهن ماهيگير خوشحال آهي ته اسان جو ملڪ به خوشحال ٿيندو پر کين غير قانوني ماهيگيري ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. اسان ماهيگيرن جي اولاد جي تعليم ۽ صحت سميت انھن جو امن امان بحال رکڻ تي به ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن ھاڪس بي ڀرسان …

ڪراچي -20 آگسٽ (اي پي پي) لائيواسٽاڪ ۽ فشريز بابت صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته جيڪڏهن ماهيگير خوشحال آهي ته اسان جو ملڪ به خوشحال ٿيندو پر کين غير قانوني ماهيگيري ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. اسان ماهيگيرن جي اولاد جي تعليم ۽ صحت سميت انھن جو امن امان بحال رکڻ تي به ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن ھاڪس بي ڀرسان غير قانوني ڄارن کي ساڙڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪمانڊر سيڪيورٽي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي آصف خان، ڪمانڊر ڪوسٽ گارڊ ، ڊي جي ايم ايف ڊي ڊاڪٽر منصور وساڻ، ڊي جي ميرين فشريز ڊاڪٽر عاصم ڪريم ،ڊي ايس محمد عمران  ۽ ٻي ماهيگير برادري جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير چيو ته ماهيگيري کانسواءِ ماهيگير کي ٻيو ڪو به آسرو ناهي، انهن جو نقصان ملڪ جو نقصان آهي. هن چيو ته غير قانوني ڄار استعمال ڪندڙن کي روڪڻ لاءِ اسان ڏنڊ ۽ سزائن ۾ واڌ ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ اسان غير قانوني جيڪي ڄار ساڙيا آھن انھن جي ڪل قيمت هڪ ڪروڙ کان مٿي آهي ۽ اهي ڪل 660 ڄار هئا. محمد علي ملڪاڻي چيو ته اسان هن سال ڏنڊ جي رقم هڪ ڪروڙ کان مٿي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي آهي. هن چيو ته اسان سنڌ جا ماهيگير هن ڀيري ننڍي وڏي مڇي جي شڪار واري ٻيڙي کي سبسڊي ڏني آهي ۽ اها کين بئنڪ اڪائونٽ ذريعي ڏني آهي ته جيئن هو ايجنٽ مافيا کان بچي سگھن. محمد علي ملڪاڻي چيو ته اسان کي ايف او اي وارن تجويز ڏني هئي ته سمنڊ مان مڇي جو اسٽاڪ ختم ٿي رهيو آهي ان لاءِ مڇي جي شڪار کي ڪجهه وقت لاءِ بند ڪرايو وڃي پر اسان ائين نه ڪيو اسان چيو ته ننڍي مڇي نه مرندي غير قانوني ڄار استعمال نه ٿيندو ته ماهيگيرن کي گذر سفر لاءِ وڏي مڇي ماري پنهنجو گذارو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جتي امن امان هوندو اتي ئي ڪاروبار ممڪن آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته يورپي يونين مڇي جي ايڪسپورٽ تي لڳل پابندي هٽائي ان لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن.

مزید خبریں