اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينه ڪميٽيءَ (سِي سِي او ايس او اِي ايس) جو اجلاس خميس ڏينهن ناڻي واري وزارت ۾ منعقد ٿيو. ڪميٽيءَ پيٽروليم ڊويزن طرفان پيش ڪيل سمريءَ تي غور ڪندي پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ خالي سيٽ تي هڪ آزاد ڊائريڪٽر جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي …
ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهيءَ ۾ سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينه ڪميٽيءَ جو اجلاس
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينه ڪميٽيءَ (سِي سِي او ايس او اِي ايس) جو اجلاس خميس ڏينهن ناڻي واري وزارت ۾ منعقد ٿيو. ڪميٽيءَ پيٽروليم ڊويزن طرفان پيش ڪيل سمريءَ تي غور ڪندي پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ خالي سيٽ تي هڪ آزاد ڊائريڪٽر جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها مقرري اسٽيٽ اون انٽر پرائز پاليسي 2023ع تحت ڪئي وئي آهي. ڪميٽيءَ پيٽروليم ڊويزن طرفان آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙڻ سان لاڳاپيل سمري تي پڻ غور ڪيو. ڪميٽي او جي ڊي سي ايل جي بورڊ ۾ 3 آزاد ڊائريڪٽرز جي سيٽن لاءِ تجويز ڪيل نامزدگين جي منظوري ڏئي ڇڏي.












