لاڙڪاڻو-20 آگسٽ (اي پي پي)لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظورچانڊيو چيو آهي ته عوام جا مسئلا جلد حل ڪيا وڃن ته جيئن عوام جو ادارن تي اعتماد بحال ٿي سگھي، سنڌ حڪومت ادارن وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ تي زور ڀريو آهي ته جيئن عوام جا مسئلا جلد حل ٿين، ۽ عوام ۽ ادارن وچ ۾ اعتماد به بحال ٿي سگھي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ سماجي …
عوام جا مسئلا جلد حل ڪيا وڃن ته جيئن عوام جو ادارن تي اعتماد بحال ٿي سگھي: ڊي سي لاڙڪاڻو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-20 آگسٽ (اي پي پي)لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظورچانڊيو چيو آهي ته عوام جا مسئلا جلد حل ڪيا وڃن ته جيئن عوام جو ادارن تي اعتماد بحال ٿي سگھي، سنڌ حڪومت ادارن وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ تي زور ڀريو آهي ته جيئن عوام جا مسئلا جلد حل ٿين، ۽ عوام ۽ ادارن وچ ۾ اعتماد به بحال ٿي سگھي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ سماجي ۽ سياسي رابطن بابت ضلعي رابطا ڪاميٽيءَ جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته هر اداري طرفان نمائندا مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻهن کان ڄاڻ وٺي سندن مسئلن متعلق آگاهي ملي سگھي. هن چيو ته ٻهراڙيءَ مان عام ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ان لاءِ شهر ۾ اچن ٿا ته جيئن سندن مسئلا حل ٿي سگھن ۽ کين بنيادي سهولتون ملي سگھن ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سموري لاڙڪاڻي ريجن مان لاڙڪاڻي شهر ۾ وڌيڪ لڏ پلاڻ ٿي آهي جنهن سبب آباديءَ ۾ اضافو ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو کي تعليم، صحت ۽ راندين جون سهولتون ٻهراڙيءَ کان وڌيڪ شهر ۾ ملن ٿيون ۽ ان سلسلي ۾ ميونسپل اسٽيڊيم ۽ ٻين راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ لاءِ انهن جي مرمت پڻ ڪرائي ويندي. ان موقعي تي هن اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا دريا خان قريشي کي هدايتون ڏيندي چيو ته اوهان ڪيتريون اسڪيمون مڪمل ڪيون آهن ۽ ڪيتريون رهيل آهن انهن متعلق ڄاڻ ڏيو ۽ ان سان گڏوگڏ وڌيڪ اسڪيمن لاءِ اعليٰ اختيارين کي لکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائيبريريءَ ۾ ٻارن جي پڙهائيءَ کي جديد طريقي سان وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل سسٽم متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن پڙهائي بهتر ٿي سگھي. هن ان موقعي تي سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري لاڙڪاڻو جي انچارج شمس الدين عباسي کي هدايت ڏيندي چيو ته لائبريريءَ ڀرسان قائم ٿيل (ايس ٽي اين) ٽي وي جي پلاٽ متعلق آگاهي ڏني وڃي ته جيئن ان کي به لائبريريءَ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ايگريڪلچر بلڊنگ جي پڻ مرمت ڪرائي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته غير ضروري بلڊنگون ۽ عمارتون جيڪي سرڪاري پلاٽن تي قائم ٿيل آهن انهن کي هٽايو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ جيڪي سرڪاري پلاٽ خالي پيا آهن انهن تي پارڪ تعمير ڪرايا ويندا. هن ان موقعي تي اوقاف کاتي جي مئنيجر کي هدايتون ڏيندي چيو ته اوقاف کاتي جي زمين مٿان ۽ درگاھ قائم شاھ بخاري ڀرسان غير قانوني قبضا پڻ ختم ڪرايا وڃن. هن چيو ته دڪانن، پلاٽن جي سار سنڀال صحيح نموني ڪئي وڃي ۽ مسواڙ پڻ وڌائي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڏنل هدايتن تحت اسين لاڙڪاڻي شهر کي خوبصورت بڻائينداسين ته جيئن عام ماڻهو کي ان مان فائدو حاصل ٿئي. ان موقعي تي ڪاميٽي جي ميمبرن شهر کي خوبصورت بڻائڻ، سرڪاري ادارن جي سار سنڀال ۽ ٻين مسئلن متعلق پنهنجا رايا پڻ ڏنا. ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو وائيس چيئرمين اسد الله ڀٽو ۽ ٻيا واسطيدار عملدار پڻ موجود هئا.











