صدر پاران پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد نشان حيدر جي 55هين ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد نشان حيدر جي 55هين ورسيءَ جي موقعي تي ملڪ جي لاءِ سندس بي مثال قرباني کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد گهٽ عمر ۾ ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد نشان حيدر جي 55هين ورسيءَ جي موقعي تي ملڪ جي لاءِ سندس بي مثال قرباني کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد گهٽ عمر ۾ ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري جرئت، فرض شناسي ۽ حب الوطني جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو. صدر چيو ته پاڪستان جي سڀ کان گهٽ عمر نشان حيدر راشد منهاس جي عظيم قرباني اسان جي قومي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي جيڪا ايندڙ نسلن کي جرئت، عزم ۽ وطن سان وفاداري جو پيغام ڏي ٿي. هن چيو ته قوم پنهنجي ان عظيم فرزند، ٻين شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي قربانين کي سدائين قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته وطن جي دفاع لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ اسان جا قومي هيروز آهن جن جون خدمتون ۽ قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون.

مزید خبریں