صدر پاران آندراش باڪا کي هنگري جو صدر چونڊجڻ تي ۽ هنگري جي عوام کي سندن قومي ڏينهن تي مبارڪباد

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آندراش باڪا کي هنگري جو صدر چونڊجڻ تي ۽ هنگري جي عوام کي سندن قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب خميس ڏينهن پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته گڏيل اعتماد ۽ …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آندراش باڪا کي هنگري جو صدر چونڊجڻ تي ۽ هنگري جي عوام کي سندن قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب خميس ڏينهن پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته گڏيل اعتماد ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل پاڪستان ۽ هنگري جا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته هو ٻطرفي تعاون خاص طور تي سياسي ۽ پارلياماني مٽاسٽا، واپار ۽ سيڙپڪاري، ترقياتي تعاون، موسمياتي قدمن، تعليم، ثقافت ۽ هجرت ۽ لڏپلاڻ جي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ نئين چونڊيل صدر آندراش باڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. صدر هنگري جي نئين چونڊيل صدر جي صحت ۽ ڪاميابي سان گڏوگڏ هنگري جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.

مزید خبریں