وفاقي ڪابينا بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ايڊوليسينٽ اينڊ يوٿ پاليسي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ايڊوليسينٽ اينڊ يوٿ پاليسي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت نوجوانن جي مرڪزي ڌارا ۾ آندو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس خميس ڏينهن هتي ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا بين الصوبائي رابطن واري وزارت …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ايڊوليسينٽ اينڊ يوٿ پاليسي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت نوجوانن جي مرڪزي ڌارا ۾ آندو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس خميس ڏينهن هتي ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ايڊوليسينٽ اينڊ يوٿ پاليسي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. اها پاليسي پاڪستان جي نوجوان آباديءَ کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس قومي فريم ورڪ بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ان پاليسي تحت حڪومت جي سطح تي نوجوان آباديءَ کي مرڪزي ڌارا ۾ آندو ويندو جيڪو نوجوانن کي هڪجهڙي ۽ بهتر معاشي ۽ معاشرتي ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. ان پاليسدي قومي فريم ورڪ جي چار بنيادي ٿنڀن ۾ تعليم، روزگار، شموليت ۽ ماحوليات شامل آهن. ان پاليسي جي لاڳو جي حوالي سان پاڪستان يوٿ ڊيولپمينٽ ڪائونسل ۽ فيڊرل ايڊوليسينٽ اينڊ يوٿ ايجنسي جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پاليسي جي جوڙجڪ جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ 32 هزار 145 سروي ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان 2 لک کان وڌيڪ نوجوانن جي راءِ ورتي وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڄاڻايل پاليسي جي حوالي سان ڪابينا ميمبرن جي تجويزن کي پاليسي جو حصو بڻايو وڃي. وفاقي ڪابينا رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 9 جولاءِ 2026ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 14 آگسٽ 2026ع ۽ ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 18 جون 2026ع، 30 جولاءِ 2026ع، 5 آگسٽ 2026ع ۽ 18 آگسٽ 2026ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق به ڪئي.

مزید خبریں