اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مُخالف ڌُر کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته هاڻي اهو مُخالف ڌُر تي آهي ته اها ڪيترو جلد تعميري ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار ٿئي ٿي، پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ جمهوريت کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ معاملن کي ويهي طئي ڪرڻو پوندو. خميس ڏينهن هتي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي …
وزيراعظم پاران مُخالف ڌُر کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ، هاڻي اهو مُخالف ڌُر تي آهي ته اها ڪيترو جلد تعميري ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار ٿئي ٿي: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مُخالف ڌُر کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته هاڻي اهو مُخالف ڌُر تي آهي ته اها ڪيترو جلد تعميري ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار ٿئي ٿي، پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ جمهوريت کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ معاملن کي ويهي طئي ڪرڻو پوندو. خميس ڏينهن هتي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پيٽروليم واري وزارت جي ڪوششن سان ڊيزل جي قيمت ۾ 32 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي جيڪا خوش آئنده آهي، حڪومت عام ماڻهو کي جتان به ممڪن ٿيندو بچت ڪري ريليف ڏيندي. هن چيو ته نار ۽ آبنائي هرمز ۾ جيڪا صورتحال آهي ان جي ڪري نه رڳو پيٽروليم جي سپلاءِ ۾ مشڪلاتون آهن پر ڪيترن ئي ملڪن جون پنهنجون ريفائنريز ۽ گئس جا پلانٽ بند پيا آهن، پورو خطو وڏي مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، پاڪستان به ان جو شڪار آهي، ڇو ته اسان جو ملڪ توانائي جو وڏو خريدار آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جنگ شروع ٿيندي ئي پي ايس ڊي پي تي ڪٽ لڳائي 128 ارب رپيا فراهم ڪيا هئا ته جيئن عوام کي هڪدم آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ پيٽروليم جي قيمتن کان بچائي سگهجي، حڪومت عام ماڻهو کي بچائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا، صوبن به ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال بهتر ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان جون ڪوششون ڪارائتيون ثابت ٿينديون، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي اچي، حڪومت اڍائي سالن ۾ معيشت جي بهتري جي لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن ان جا اثر آهستي آهستي سامهون اچي رهيا آهن، امن جي صورتحال جو معمول تي اچڻ ان جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪالهه ريٽيلرز جي لاءِ ايپ جي شروعات ڪئي آهي ان سان اميد آهي ته واپاري برادري جن جي مشاورت سان قدم کنيا ويا آهن مطئن ٿيندي، ايف بي آر کي واضح هدايت ڪئي آهي ته واپارين جي مشاورت سان منصوبابندي ڪئي وڃي ۽ انهن کي جيڪڏهن ڪنهن تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو سزا جي لاءِ تيار رهي. هن ان سلسلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ناڻي واري مملڪتي وزير ۽ انهن جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته واپارين جي لاءِ پهريون ڀيرو حڪومت هڪ سٺي اسڪيم کڻي آئي آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ ترتيبوار اضافو ٿي رهيو آهي، جولاءِ 2026ع ۾ ان ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو، اها تمام وڏي ڪاميابي آهي جنهن جي لاءِ آئون انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته گوگل جو هڪ وفد پاڪستان آيل آهي جنهن سان ٻه ڏينهن اڳ ملاقات ٿي هئي، گوگل جي پاڪستان ۾ آفيس جو افتتاح ٿي ويو آهي، حڪومت هر شعبي ۾ ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گورننس جو سڄو نظام ڊيجيٽل ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته حڪومت اپوزيشن سان بامقصد ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي، قومي اسيمبلي ۾ به مون ان جي آڇ ڪئي هئي ۽ ڪابينا ۾ به ۽ اڄ ٻيهر اها ڳالهه ورجائڻ چاهيان ٿو ته اسان تيار آهيون ۽ هن فورم تان مُخالف ڌُر کي آڇ ڪريان ٿو ته اها اچي ۽ ويهي ڳالهيُون ڪري، معاملن کي ڳالهه ٻولهه سان طئي ڪريون ته جيئن پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ جمهوريت کي سگهه ڏئي سگهون پر تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي هاڻي اهو مُخالف ڌُر تي آهي ته اها ڪيترو جلد تعميري ڳالهين جي لاءِ تيار ٿئي ٿي.








