اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس خميس ڏينهن هتي ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو مسودو 27هين آئيني ترميم جي ذريعي ڪيل …
وفاقي ڪابينا ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس خميس ڏينهن هتي ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو مسودو 27هين آئيني ترميم جي ذريعي ڪيل ترميمن جي تسلسل ۾ تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان جو مقصد چيف آف ڊفينس فورسز جي عهدي ۽ چيف آف ڊفينس فورسز هيڊڪوارٽرز جي حوالي سان لاڳاپيل انتظامي معاملن جو تعين ڪرڻ آهي. ڪابينا جي منظوري کانپوءِ دفاعي فوج ايڪٽ 2026ع جو مسودو پارليامينٽ جي جاري اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع ۾ ترميم جي پڻ منظوري ڏني جيڪو 27هين آئيني ترميم جي کانپوءِ هڪ ضروري عمل هو. نيشنل ڪمانڊ اينٽ 2010ع ۾ ترميم ٿيل مسودو به منظوري جي لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.











