اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا وچ ۾ سي اي پي اي ڳالهين جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻي مرحلي جي شروعات جلد متوقع آهي، معاهدو حتمي شڪل اختيار ڪرڻ کاپوءِ پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙن لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. …
پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا وچ ۾ سي اي پي اي ڳالهين جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل، ٻي مرحلي جي شروعات جلد متوقع آهي: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا وچ ۾ سي اي پي اي ڳالهين جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻي مرحلي جي شروعات جلد متوقع آهي، معاهدو حتمي شڪل اختيار ڪرڻ کاپوءِ پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙن لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن ڪانفرنس کي خاص مهمان طور وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان – ڪوريا واپار ۽ سيڙپڪاري ڪانفرنس سيئول ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪوريا جي 170 کان وڌيڪ ڪاروباري ماڻهن شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين وچ ۾ 6 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين تي زور ڀريو ته هو معاهدي جي تڪميل کان اڳ ڪانفرنس جي فراهم ڪيل پليٽ فارم مان فائدو کڻندي ٺوس ڪاروباري حصيداري قائم ڪن. ڪانفرنس ۾ 91 ڪوريائي ۽ 82 پاڪستاني ڪاروباري ماڻهن شرڪت ڪئي. جن ۾ ڪوريا ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستاني، سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ گجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جا نمائندا به شامل هئا. ڪانفرنس جي ڪارروائي جي شروعات جمهوريه ڪوريا ۾ پاڪستان جي سفير جي آجياڻي واري خطاب سان ٿي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي عملدارن به شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ ڪپڙي، چمڙي جي مصنوعات، جراحي ۽ راندين جي سامان، زرعي ۽ غذائي مصنوعات، معدنيات ۽ آءِ ٽي خدمتن جي شعبن ۾ پاڪستان جي روانگي واپار جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو. خصوصي ڪاروباري رابطن (بي ٽو بي) اجلاسن دوران سيالڪوٽ، گجرانوالا ۽ ٻين چيمبرز آف ڪامرس جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستاني ڪمپنين پنهنجي ڪوريائي هم منصبن سان 6 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. انهن معاهدن ۾ لوڻ، ڪاسميٽڪس، تيل ۽ تر جي ٻجن جي واپار سميت مختلف شعبا شامل آهن. اميد آهي ته اهي مفاهمت جون يادداشتون لاڳاپيل ڪمپنين وچ ۾ حتمي واپاري معاهدن جو بنياد ثابت ٿينديون. ڪانفرنس پاڪستان بزنس ايسوسيئيشن آف ڪوريا ۽ پاڪستاني سفارتخاني سيئول جي تعاون سان ڪيو ويو. پاڪستاني سفارتخاني، سيئول جو ڪمرشل ونگ ڪوريائي سيڙپڪارن ۽ واپاري حصيدارن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ مرڪزي رابطا مرڪز طور پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ان موقعي تي اهو به اعلان ڪيو ويو ته سيئول ۾ مارچ 2027ع ۾ هڪ ٻي واپاري ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مقصد (سي اي پي اي) جي پڄاڻي کانپوءِ پيدا ٿيل اڳڀرائي ۽ رفتار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ آهي.








