حيدرآباد: واهه ۾ وهنجڻ دوران 2 نوجوان  ٻڏي ويا

حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي ۾ بهڻ موري وٽ واهه ۾ وهنجڻ دوران 14 ورهين جو فرمان شاهه ۽ 29 ورهين جو عامر شاهه پاڻي ۾ ٻڏي ويا. چيو پيو وڃي ته ٻئي ڄڻا ڪوٽ غلام محمد تعلقي جا رهواسي هئا جيڪي حيدرآباد ۾ مائٽن وٽ آيل هئا. ريسڪيو جون ٽيمون ٻڏي ويل نوجوانن جي لاشن جي ڳولا ڪري رهيون آهن پر گهڻي ڪوشش باوجود …

حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي ۾ بهڻ موري وٽ واهه ۾ وهنجڻ دوران 14 ورهين جو فرمان شاهه ۽ 29 ورهين جو عامر شاهه پاڻي ۾ ٻڏي ويا. چيو پيو وڃي ته ٻئي ڄڻا ڪوٽ غلام محمد تعلقي جا رهواسي هئا جيڪي حيدرآباد ۾ مائٽن وٽ آيل هئا. ريسڪيو جون ٽيمون ٻڏي ويل نوجوانن جي لاشن جي ڳولا ڪري رهيون آهن پر گهڻي ڪوشش باوجود هٿ نه اچي سگهيا آهن .

مزید خبریں