عسڪري قيادت پاران پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد کي خراج عقيدت پيش

راولپنڊي- 20 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ ٻي هٿياربند فوج پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) جي 55 هين يوم شهادت جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وطن جي دفاع ۾ سندس عظيم قرباني …

راولپنڊي- 20 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ ٻي هٿياربند فوج پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) جي 55 هين يوم شهادت جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وطن جي دفاع ۾ سندس عظيم قرباني کي سلام پيش ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان مطابق 1971ع ۾ ان ڏينهن پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد غير معمولي جرئت، پختي عزم ۽ فرض جي بي مثال وابستگي جو مظاهرو ڪيو. هڪ غير معمولي چئلينج کي منهن ڏيندي پاڪستان جي خودمختياري ۽ وقار جي تحفظ لاءِ پنهنجي حياتي قربان ڪئي. سندس بي لوث قدم جرئت، وفاداري ۽ وطن جي دفاع لاءِ عزم ۽ وابستگي جو روشن مثال آهن. پاڪستان جو عوام ۽ هٿياربند فوج ان عظيم سپوت کي عقيدت ۽ احترام سان خراج پيش ڪندي پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. راشد منهاس شهيد جي لازوال قرباني  قوم ۽ هٿياربند فوج لاءِ جرئت، ايثار، حب الوطني ۽ فرض سان وفاداري جي هڪ ابدي علامت طور هميشه مشعل راهه رهندي.

مزید خبریں