اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جي فروغ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعميراتي رابطن جي اهميت تي زور ڏيندي دهشتگردي جي خطري سميت علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بليڪ سي گرين انيشي ايٽو جي اهميت کي خاص طور تي اسرندڙ ملڪن جي موقف ۽ غذائي تحفظ ۽ ناڻي واڌ جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪندي ان معاهدي کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير چيو آهي ته جمهوري اصول ۽ قانون جي حڪمراني جو احترام پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو ۽ اهي قدر ان حصيداري کي اڳتي وڌائڻ ۾ رهنمائي ڪندا رهندا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن ٽيليفون ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن ۽ وسيع البنياد لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران 6 مذاڪراتي دورن کانسواءِ اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڏئي ان کي مستحڪم ڪيو آهي. پرڏيهي وزير اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سان واڳيل ترجيحن سميت موسمياتي تبديلي ۽ گرين انرجي تي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي خصوصي دلچسپي تي زور ڏنو. آمريڪي حمايت تي ٿورا مڃيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽينڊ باءِ ارينجمنٽ پاڪستان جي اقتصادي ۽ ترقياتي ضرورتن کي سگهه فراهم ڪندو ۽ پاڪستان پنهنجي معيشت ۾ ڍانچاجاتي سڌارا آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ان کي غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ مقابلي واري ۽ پرڪشش بڻائي سگهجي. ترجمان جي بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جي فروغ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعميراتي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. هنن دهشتگردي جي خطري سميت علائقائي سلامتي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير بليڪ سي گرين انيشي ايٽو جي اهميت کي خاص طور تي اسرندڙ ملڪن جي موقف ۽ غذائي تحفظ ۽ ناڻي واڌ جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ان معاهدي کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جمهوري اصول ۽ قانون جي حڪمراني جو احترام پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو ۽ اهي قدر ان حصيداري کي اڳتي وڌائڻ ۾ رهنمائي ڪندا رهندا. پرڏيهي وزير جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ هي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ چوٿين ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه هئي.