صدر پاران ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان سندس نوجوان پٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار، فاتح ڪئي

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس نوجوان پٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي فاتح خواني ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي پٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي طارق فضل چوڌري ۽ سندس …

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس نوجوان پٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي فاتح خواني ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي پٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي طارق فضل چوڌري ۽ سندس گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.