لاڙڪاڻو-21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ٻين پارٽين جي نظرين ۾ فرق آهي، ٻيون پارٽيون اميرن ۽ وڏن ماڻهن کي وڌيڪ امير بڻائينديُون آهن ۽ اهي عوام جو پئسو پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ وجهي وساري ڇڏيندا آهن، پر پيپلزپارٽي هر عام ماڻهو لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا انقلابي منصوبا کڻي ايندي آهي، ملڪ ۾ عام چونڊون پري ناهن، پيپلز پارٽي عام چونڊون کٽي سنڌ کانپوءِ ٻوڏ متاثرن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ وارا منصوبا بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ماڻهن لاءِ به آڻيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ضلعي سان واسطو رکندڙ سال 2022ع جي ٻوڏ متاثرن کي سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز تحت گهرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڌامراهه ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل سال ٻوڏ سبب اسان کي تاريخي نقصان ٿيو پر انشاءَ الله اسان جو ٻوڏ متاثرين لاءِ منصوبو سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز جو جيئن ڪم مڪمل ٿيندو ته ان سان متاثرن جي مالي ۽ معاشي حالتون ٻوڏ جي اڳ واري صورتحال کان به بهتر ٿيندي، مالي مدد انهن گهرن کي ٻيهر ٺاهڻ لاءِ آهي پر انشاءَ الله اهي گهر ايترا ته مضبوط هوندا ته ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن اهڙي ٻوڏ آئي ته متاثرن جي گهرن کي نقصان نه ٿيندو، هن منصوبي اهڙي طريقي سان ٺاهيو ويو آهي جيئن ٻوڏ به اچي ته گهرن کي نقصان نه ٿئي ۽ گڏوگڏ اسان گهرن جا مالڪاڻا حق ڏئي رهيا آهيون اهو متاثرن جو حق آهي جن متاثرن کي مالڪاڻا حق ناهن اهي غيريقيني واري زندگي گذارين ٿا کين خبر نه هوندي آهي ته ڪڏهن کانئن گهر کسيو وڃي ۽ هو ڪٿي ويندا ۽ جنهن جي ڪري هو غير يقيني واري زندگي گذاريندا آهن پر اسان متاثر عورتن کي اهڙو اثاثو ڏنو آهي جو انهن گهرن کي عورتن جي نالي ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام متعارف ڪرائي سيکاريو آهي ته توهان جڏهن عورتن کي معاشي طور مضبوط بڻائيندا آهيو ته اهي عورتون پوري خاندان کي مضبوط ڪري ايندڙ نسل جو خيال رکنديون آهن. هن چيو ته هي گهر عورتن لاءِ اثاثا آهن اها انهن جي مرضيءَ آهي ته هو ان جو ڇا ڪن ٿيُون، ڇاڪاڻ هن زمين جي قيمت وقت سان گڏ وڌندي ويندي ۽ اهڙي صورتحال ٿئي ته توهان ڪو ڪاروبار ڪري قرض وٺڻ چاهيو ته توهان بئنڪ کي ٻڌائي سگهو ٿا ته منهنجي مدد ڪيو مان ڪاروبار ڪرڻ چاهيان ٿو هاڻي مون وٽ اثاثو به آهي. هن چيو ته هي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت هڪ آفت کي موقعي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته پوري سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي نه صرف پنهنجا گهر ٺاهي ڏيون پر انهن کي مالڪاڻا حق ڏئي معاشي طور مضبوط به ڪيون ان سان سنڌ جون عورتون معاشي طور مضبوط ٿينديون ته سنڌ ۽ پاڪستان جي معيشت کي به فائدو ٿيندو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اسلام آباد ۾ ويهندا آهن انهن کي اندازو ئي ناهي ته پاڪستان جو عوام هن وقت ڪهڙي مشڪلاتن ۾ آهي، لاڙڪاڻي جا ماڻهو ڪيترن معاشي مسئلن مان گذري رهيا آهن تنهن ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي اهڙي قسم جا انقلابي منصوبا کڻي آڻيندي آهي ته جيئن ٻوڏ متاثرن جي مسئلن کي حل ڪيون، هي پيپلز پارٽي جي سوچ ۽ نظريو آهي جيڪو قائد عوام جو نعرو هو، جنهن اسان کي سيکاريو ته اسان کي اجهو، اٽو ۽ لٽو ڏيڻو آهي، اڄ هي سفر پوري سنڌ ۾ شروع ٿي رهيو آهي ۽ اڄ لاڙڪاڻي جي 5 هزار متاثر عورتن کي مالڪاڻا حق ڏئي مالي مدد ڪئي پئي وڃي، اسان شهيد قائد عوام، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي ۽ عوامي انقلاب کي سنڌ جي هر ضلعي ۾ کڻي وينداسين ۽ چونڊون پري ناهن ۽ انشاءَالله اسان اهڙي قسم جا منصوبا بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي جي ماڻهن کي به ڏينداسين ۽ پوري پاڪستان ۾ اهڙي قسم جا عوام دوست منصوبا پيپلز پارٽي چونڊون کٽي شروع ڪندي، ڇاڪاڻ پيپلزپارٽي ۽ ٻين پارٽين جي خاص طور خان صاحب جي پارٽي جي نظريي ۾ فرق آهي جيڪي ٻيون پارٽيون آهن اهي سمجهن ٿيون ته جيڪڏهن هو اميرن کي وڌيڪ امير ۽ وڏن ماڻهن کي وڌيڪ امير بڻائيندا ته ان سان پاڪستان ۽ ملڪي معيشت کي فائدو پهچائيندا پر اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن توهان امير کي وڌيڪ امير بڻائيندو ته اهي عوام جو پئسو پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ وجهي وساري ڇڏيندا پر جيڪڏهن توهان هر عام ماڻهو لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا انقلابي منصوبا کڻي ۽ هر غريب عورت کي پئسا ڏيندا ته اهو پئسو هوءَ پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ رکي نه وساريندا پر هوءَ اهي پئسا پنهنجي ٻارن، خاندان ۽ دڪانن تي وڃي خرچ ڪندا ته دڪان وارو خوش ٿيندو ۽ اهڙن کي ڏيندا جيڪا انهن جي ڪاروبار تي خرچ ڪن ته اهو ڪاروبار به اڳتي وڌندو ۽ اهو پئسو خرچ ڪرڻ سان پاڪستان جي معيشت ۾ اِهو پئسو ڦلهجي ويندو آهي ۽ پاڪستان جي معيشت کي هيٺ کان مٿي تائين فائدو ٿيندو پر ٻين جو خيال آهي ته هو مٿي پئسو وجهندا ته اهو ڪنهن نه ڪنهن طريقي هيٺ پهچائيندا پر تاريخ اِهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان يا ٻيو ڪو ملڪ هجي ته توهان مٿي کان هيٺ تائين ڪوشش ڪندا پر اهو پئسو مٿي ئي رهندو ۽ هيٺ نه پهچندو جيڪڏهن توهان هيٺين طبقي ۽ پٺيل پيل طبقي تائين ڪم شروع ڪندا ته اهو پئسو هيٺ کان مٿي تائين وڃي پوري رياست ۽ معيشت کي فائدو پهچائيندو آهي، اها اسان ۽ انهن جي سوچ ۾ صرف اِهو ئي فرق آهي ته پيپلز پارٽي عوام دوست ۽ غريب دوست منصوبا کڻي ايندي آهي ۽ عوام جي مدد سان انشاءَالله سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز کي نه صرف سنڌ صوبي ۾ مڪمل ڪنداسين پر ٻين صوبن ۾ به متعارف ڪرائينداسين. اي پي پي جي رپورٽ مُوجب هن چيو ته ماڻهن کي شايد اڄ اندازو نه هجي ته هي اڄ هي انقلاب شروع ٿي رهيو آهي هي پاڪستان جي تاريخ ۾ اثاثن جي اهڙي منتقلي آهي جيڪا رياست ۽ سنڌ حڪومت کان اها زمين وٺي عورتن کي ڏئي رهيا آهيون جيڪا تمام ضروري آهي ته اسان پنهنجي وسيلن ۽ اثاثن کي نه صرف رياست يا اميرن جي حوالي ڪيون پر عام ماڻهن سان گڏجي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهون ٿا، آئُون اميد رکان ٿو ته جلد کان جلد انتظاميه نه صرف توهان کي پر جيڪي رهيل متاثرن آهن انهن کي به مالڪاڻا حق ڏيارينداسين، وڏو وزير مراد علي شاهه جيترا ڏينهن حڪومت ۾ هوندو ان کي جيترا مالڪاڻا حق ڏئي سگهي ٿو ڏئي ۽ منهنجي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري انهن کي مشڪلاتن مان ڪڍي ڇاڪاڻ اسان عوام سان ملي ڪري قائد عوام جي اڻ مڪمل مشن کي مڪمل ڪري ۽ هن ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين. هن چيو ته اڄ مون کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي جو ٻوڏ متاثرن طرفان مشڪلاتون ۽ تباهي ڏسڻ کانپوءِ الحمدالله انهن جي خوشيءَ جا ڏهاڙا شروع ٿي رهيا آهن، متاثرن جو ٻوڏ جي ڪري جيڪو نقصان ٿيو ان کي انشاءَالله آهستي آهستي ٺيڪ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، پوري سنڌ صوبي ۾ اسان کي 20 لک گهر ٺاهڻا آهن ۽ توهان کي اندازو هوندو ته ان ۾ وقت ته لڳندو پر انشاءَ الله منهنجو توهان سان واعدو آهي ته جنهن جي به گهر کي ٻوڏ ۾ نقصان ٿيو آهي انهن جي نه صرف مالي مدد ڪئي ويندي پر انهن کي گهرن جا مالڪاڻا حق به ڏنا ويندا، هي اسان جي صوبي کان انقلاب شروع ٿي رهيو آهي، هن وقت پوري پاڪستان ۾ معاشي مشڪلاتون آهن، مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي گڏوگڏ غربت وڌي رهيو آهي ۽ ان جو حل پيپلز پارٽي جي نظر ۾ صرف هڪ ئي آهي ته اسان کي عام ماڻهن ۽ غريبن جي مدد ڪرڻي آهي ۽ اسان پاڪستان جي عام ماڻهوءَ کي معاشي طور مضبوط بڻائينداسين ته انشاءَ الله اهو ڏينهن پري ناهي ته جڏهن پاڪستان کي به پنهنجي پيرين تي بيهاري معاشي طور مضبوط بڻائي سگهون ٿا.