لاڙڪاڻو-21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ سومر تائين ٻوڏ متاثرين کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت 20 لک گهر ٺاهي انهن جا مالڪاڻا حق عوام کي ڏيندي، آئُون سمورن ڊي سيز کي ٻن ڏينهن جو وقت ٿو ڏيان هوم ورڪ مڪمل ڪيو وڃي، سڀني ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ٻن ڏينهن ۾ ڪم مُڪمل ڪري وٺن، سومر تائين جن متاثرن جا گهر ڪِريا آهن انهن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻا آهن، بلاول ڀٽو زرداري جو وفاقي حڪومت مٿان دٻاءُ نه هجي ها ته اهڙي امداد نه ملي ها. لاڙڪاڻو ۾ 2022ع جي ٻوڏ متاثرن کي سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز تحت گهرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان عالمي بئنڪ ۽ گڏيل قومن جا ٿورائتا آهيون ۽ تازو اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ مدد لاءِ رقم مختص ڪئي آهي ۽ ان ۾ وفاقي حڪومت به حصو وجهي رهي آهي ۽ اهي 20 لک گهر متاثرن کي مالڪاڻا حقن سان ڏنا ويندا ڇاڪاڻ ٻوڏ ته ٻين صوبن ۾ آئي پر هي اسڪيم صرف سنڌ، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي آهي، هي ناممڪن هو پر اسان ڪري ڏيکاريو ۽ اهڙي قسم جي ٻِي اسڪيم 21 لک گهرن کي سولر لائيٽون به لڳائي ڏينداسين، پوري پاڪستان جو عوام عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائيندي ته پوري ملڪ ۾ اهڙي قسم جون اسڪيمون هونديون جيڪي سنڌ حڪومت گذريل 5 سالن ۾ ٺاهيون آهن انهن اسڪيمن جو ڪو به صوبو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته گذريل سال جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر دوران سنڌ ۾ برساتون ٿيون، الله تعاليٰ اسان کان اهڙي آزمائش ورتي جو ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سنڌ صوبي جو هر ضلعو برسات جي پاڻيءَ ۾ ڳوٺ ۽ شهر ٻڏي ويا ۽ سخت نقصان ٿيو ان وقت سنڌ حڪومت ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ جي حڪم تي ٻاهر نڪتي ۽ اسان ڪوشش ڪئي ته وڌ کان وڌ پنهنجي ماڻهن تائين امداد پهچايون، اسان 1976ع، 2010ع، 2011ع جون ٻوڏون ڏٺيون، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو حڪم آيو ته ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏنا وڃن جيڪي گهر اڳ آيل ٻوڏن ۾ ڪڏهن به نه ٺهيا، هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو وفاقي حڪومت مٿان دٻاءُ نه هجي ها ته شايد اهڙي ڪا امداد نه ٿئي ها، جتان جتان ٻوڏ جو پاڻي نڪري رهيو هو اتي سنڌ حڪومت سروي ڪري سمورن لاڳاپيل ڌُرين کي کڻي عالمي بئنڪ ۽ عالمي ادارن سان ڳالهيون ڪيون ۽ پهرين سروي کان پوءِ سنڌ حڪومت چيئرمين گڏيل قومن جي ذريعي جنيوا ۾ ڪانفرنس ڪرائي جنهن ۾ مان پاڻ وڃي سنڌ جو ڪيس پيش ڪيو ته اسان سڀني متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻا آهن، اسان گهر ٺاهي رهيا هئاسين ته بلاول ڀٽو زرداريءَ جو هڪ ٻيو حڪم آيو ته نه صرف گهر ٺاهي ڏيڻا آهن پر متاثرن کي گهرن جا مالڪاڻا حق به ڏيڻا آهن ان وقت اڌ کان وڌيڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته ائين نه ٿيندو پر بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اِهو ڪيئن نه ٿيندو، مون کي ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ مُون ماڻهن سان واعدو ڪيو آهي اهو ڪم اسان لاڙڪاڻي کان شروع ڪري ڇڏيو آهي جتي اسان 5 هزار ٻوڏ متاثرن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏئي رهيا آهيون ان کان علاوه اسان 20 لکن مان 15 لک گهرن جون سندون ورهائڻ جو ڪم مڪمل ڪري چڪا آهيون ۽ 3 کان 4 لک گهر جيڪي خانگي زمينن تي آهن انهن جو به حل ڪڍي پيپلز پارٽي جي حڪومت 20 لک گهر ٺاهي انهن جا مالڪاڻا حق به ڏيندي، آئُون ٻن ڏينهن جو وقت ٿو ڏيان ته هوم ورڪ مڪمل ڪيو وڃي ۽ سومر ڏينهن کان اسان سنڌ جي هر ضلعي ۾ شروع ڪنداسين ان لاءِ هر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي چوندس ته هو ٻن ڏينهن ۾ آچر ڏينهن به ڪم ڪري سومر تائين جن متاثرن جا گهر ڪِريا آهن انهن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻا آهن، اهو آسان ڪم نه هو پر بلاول ڀٽو زرداري جي ان جي باري ۾ جيڪا جستجو هئي اُن جي ڪري ڪاميابي ملي آهي. ان کان اڳ پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري طرفان تقريب ۾ ڳوٺ وڪيو سانگي جي ڪونج خاتون، ريحانه خاتون سميت ٻين ٻوڏ متاثر عورتن کي سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز تحت ٺهيل گهرن جون سندون ڏنيون جنهن تي متاثر عورتن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيا. تقريب ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو واسڻ سعيده ابڙو، شمشاد خاتون ۽ ڳوٺ الهورايو سولنگي واسي مائي مختيار خاتون ٻوڏ سبب کين پيش اينڊ مسئلن بابت تقريب ۾ ڳالهائيندي روئي ڏنو.