اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ترميمي بل 2023ع، آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي ترميمي بل 2023ع، نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ آرڊيننس 2002ع، پرائيويٽ سيڪيورٽي سروسز ريگيوليٽري بل 2023ع، ورلڊ فوڊ پروگرام جي گاڏين جي اسپيئر پارٽس جي هڪ ڪنٽينر جي پاڪستان جي رستي ڪراچي کان ڪابل تائين ٽرانزٽ جي اجازت ۽ پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا کي آءِ ايم ايف سان 3 ارب ڊالر جي معاهدي جي اهم رخن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز سريف چيو ته سمورن دوست ملڪن بشمول چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ اسلامڪ ڊيولپمينٽ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي جا ٿورائتا آهيون. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي افغانستان ۾ خوراڪ جي فراهمي جي آپريشن کي جاري رکڻ جي لاءِ ورلڊ فوڊ پروگرام جي گاڏين جي اسپيئر پارٽس جي هڪ ڪنٽينر جي پاڪستان جي رستي ڪراچي کان ڪابل تائين ٽرانزٽ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي سفارشن تي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ترميم بل 2023ع جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ترميمي بل جي منظوري سان نه رڳو پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي نظام ۾ موجوده دور جي گهرجن موجب جدت ايندي پر ڪميشن جي معاملن ۾ شفافيت پيدا ٿيندي. ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي سفارش تي آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي ترميمي بل 2023ع جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي منظوري کانپوءِ يونيورسٽي ۾ جديد سڌارن سان گڏوگڏ تحقيق کي پڻ فروغ ملندو. ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ آرڊيننس 2002ع ۾ پڻ ترميم جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن ٽنهي قانونن جو مسودو سي سي ايل سي ۾ پيش ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا کي اسلام آباد ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي منصوبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ان منصوبي تحت ٻن قسمن جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. گهٽ مدي واري پاليسي تحت اسلام آباد جي علائقن بشمول ڀرپاسي وارن علائقن مان ويسٽ ڪليڪشن شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڊگهي مدي واري پاليسي تحت اعليٰ معيار جي عالمي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن. وزيراعظم اسلام آباد ۾ اسپتالن جي گند ڪچري کي تلف ڪرڻ جي لاءِ موجود انسنريٽرز جا تفصيل طلب ڪري ورتا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو ڀرپور نظام آندو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ پلان ۾ اسپتالن جي موذي زهريلي گند ڪچري کي تلف ڪرڻ جي لاءِ ان حوالي سان تجربيڪار ڪمپنين کي جدا کان ذميواري ڏني وڃي. وفاقي ڪابينا اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي لاءِ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بل کي ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ موڪلڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرائيويٽ سيڪيورٽي سروسز ريگيوليٽري بل 2023ع کي سي سي ايل سي ۾ موڪلڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، ان بل تحت سيڪيورٽي جي نظام جي باضابطا نگراني جي لاءِ پرائيويٽ سيڪيورٽي سروسز ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته هدايت ڪئي ته واپار واري وزارت جي مشاورت کانپوءِ قانونسازي جو مسودو سي سي ايل سي ڏانهن موڪليو وڃي.