ڪراچي – 16 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ تي صوبائي حڪومت جي سمورن ادارن جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت وقتائتو قدم کڻندي سٺو ڪم ڪيو ۽ اهڙي ٽيم ورڪ جو مثال گهٽ ملندو آهي. هن طوفاني خطرو ٽري وڃڻ بابت پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ حڪومت سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سٺا قدم کنيا، الله تعاليٰ جي ٻاجهه سان خطرو ٽري وڃڻ کانپوءِ سامونڊي پٽي ۾ معمول واري زندگي بحال ٿي رهي آهي. هن صوبائي حڪومت جي سمورن ادارن جي محنت ۽ لڳاءُ جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان آرمي، نيوي، رينجرز ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي پاران سنڌ حڪومت سان تعاون ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن فلاحي ادارن جو پڻ ٿورائتو آهيان جن هن امڪاني قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سامونڊي پٽي تي رهندڙ ماڻهن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو جن حڪومت جي چوڻ تي پنهنجا گهر خالي ڪندي ڪئمپن ۾ ويا. وڏي وزير کين ٻڌايو ته گهر خالي ڪرائڻ جو مقصد سندن ۽ ٻارن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ هو. آخر ۾ هن موسميات کاتي پاران وقت سِر الرٽ جاري ڪرڻ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان کي چئبو آهي ٽيم ورڪ جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي.