اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي 12 کان 13 جنوري تائين گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو گڏيل عرب امارات جو اهو ٽيون دورو هوندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ هوندو. دوري دوران وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف دوري دوران گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان پڻ ملاقات ڪندو. بيان موجب دوري دوران وزيراعظم اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو ته جيئن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. گڏيل عرب امارات اٽڪل 17 لک پاڪستانين جو ٺڪاڻو آهي جيڪي گذريل 5 ڏهاڪن کان گڏيل عرب امارات جي ڪاميابي سان گڏوگڏ ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات گڏيل عقيدي ۽ روايتن، گڏيل تاريخ ۽ ورثي تي ٻڌل ويجهي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي باقاعدگي سان اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ دورا گڏيل لاڳاپن جي اهم خصوصيت آهن.