اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بلوچستان ۾ عالمي معيار جي درسگاهن جي تعمير جي منصوبي ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي بلوچستان ۾ دانش اسڪول ۽ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام جي منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ ورڪنگ پيپر تيار ڪيو ويو آهي، بلوچستان ۾ تعليم جي فروغ جي ان تاريخي منصوبي جي لاءِ صوبائي اسيمبلي باضابطا قانونسازي ڪندي، بلوچستان ۾ دانش اسڪول اينڊ سينٽر آف ايڪسيلينس اٿارٽي قائم ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دانش اسڪول ۽ سينٽرز آف ايڪسيلينس جي ذريعي غريب ترين ٻارن کي جديد تعليمي سهولتون ڏنيون وينديون. عالمي معيار جا اسڪول، بهترين نصاب، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ليبارٽريز پڻ قائم ٿينديون، اٿارٽي جو سربراهه بلوچستان جو وڏو وزير هوندو. چيف سيڪريٽري، تعليم ۽ ناڻي وارا صوبائي سيڪريٽري ۽ اٿارٽي جو ايم ڊي ٻين ميمبرن ۾ شامل هوندا. وفاقي حڪومت جي نامزد ڪيل گهٽ ۾ گهٽ ٽي نمائندا پڻ اٿارٽي جا ميمبر هوندا. اٿارٽي سڄي صوبي ۾ دانش اسڪولن ۽ سينٽرز آف ايڪسيلينس جي قيام جي لاءِ ڪم ڪندي. اٿارٽي تعليمي ڪورسز جي تياري، وظيفن جي ورڇ، امتحانن، نجي ۽ سرڪاري ۽ ٻين ذريعن کان فنڊز حاصل ڪرڻ جي ذميوار هوندي. اٿارٽي تحت گورننگ باڊي ٺاهي ويندي جنهن جو مدو ٻه سال هوندو. گورننگ باڊي 5 يا ان کان وڌيڪ ميمبرن تي ٻڌل هوندي. گورننگ باڊي دانش اسڪولن ۽ سينٽرز آف ايڪسيلينس جا انتظامي ۽ مالي معاملا هلائيندي. گورننگ باڊي جي ذريعي اسڪولن جا پرنسپل ۽ ٻيو عملو مقرر ڪيو ويندو. گورننگ باڊي جا ميمبر رضاڪاراڻي بنيادن تي ڪم ڪندا، ڪو مالي فائدو نه وٺندا. گورننگ باڊي شفاف انداز ۽ ميرٽ تي داخلا يقيني بڻائيندي، 20 سيڪڙو سيٽون انهن شاگردن جي لاءِ هونديون جيڪي فيس ۽ ٻيا خرچ ادا ڪري سگهندا. ٻين سمورين سيٽن تي داخلائُون گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار ماهوار کان گهٽ وارن خاندانن جي ٻارن کي ڏنيون وينديون. ٻنهي والدين کان محروم يتيم ٻار، بيواهن جا ٻار مفت تعليم حاصل ڪندا. انفراسٽرڪچر، فرنيچر، آءِ ٽي ليب ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وينديون. انهن اسڪولن ۾ بهترين استاد مقرر ڪيا ويندا، بورڊنگ جي سهولت پڻ مهيا هوندي. بورڊنگ ۾ ٻارن جي بهترين ڪردارسازي جي لاءِ جامع نظم تيار ڪيو ويندو. دانش اسڪولن ۽ سينٽرز آف ايڪسيلينس ۾ ماهر سائيڪولوجسٽ ۽ ڪيريئر ڪونسلنگ جون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون. ڪيريئر ڪونسلنگ جي ذريعي ٻارن جي تعليمي معيار، مثبت رجحانن ۽ ترقي جي جذبي کي اڀاريو ويندو.