اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پاران داخل درخواست جي خلاف وفاقي محتسب جي حڪم جي توثيق ڪئي آهي جنهن ۾ وفاقي محتسب يونيورسٽي کي بدانتظامي جو مرتڪب قرار ڏيندي ان کي هدايت ڪئي هئي ته اها هڪ اهڙي شاگرد جو نتيجو اپ ڊيٽ ڪري جنهن کي يونيورسٽي پيپر جمع نه ڪرڻ جي ڪري فيل قرار ڏنو هو جڏهن ته شاگرد پاڪستان اسٽڊيز جو پرچو جمع ڪرايو هو ۽ ان جي رسيد به ان کي ملي هئي پر امتحانن واري شعبي ۾ مارڪنگ جي لاءِ پيپر نه ملڻ تي ان کي فيل قرار ڏنو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وفاقي محتسب جي حڪم کي برقرار رکندي چيو ته يونيورسٽي جي پاليسي موجب ڪورونا لاڪ ڊائون جي ڪري شاگرد پنهنجو پرچو استاد کي جمع ڪرايو جنهن کي ايس او پيز موجب مارڪنگ جي لاءِ آن لائين اپ لوڊ ڪرڻو هو پر جڏهن نتيجي جو اعلان ٿيو ته ان کي فيل قرار ڏنو ويو، شاگرد پاران بار بار درخواستن/ شڪايتن جي باوجود ان جو نتيجو اپ ڊيٽ نه ڪيو ويو. صدر چيو ته جيئن ته شاگرد پنهنجو پرچو پنهنجي استاد کي آن لائين جمع ڪرايو هو ۽ ان جي استاد جي اها ذميواري هئي ته هو ان کي امتحانن واري شعبي ۾ جمع ڪرائي ها، بدانتظامي جي ڪري شاگرد کي ان جو صحيح نتيجو ڏيڻ کان انڪار ڪري ان کي فيل قرار ڏنو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکندي وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي کي هدايت ڪئي ته شڪايت ڪندڙ جو نتيجو چيڪ ڪيل پيپر جي بنياد تي اپ ڊيٽ ڪيو وڃي ته جيئن ان کي ڪا تڪليف نه ٿئي.