جنيوا – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ غيبي مدد کان گهٽ نه آهي، الله جي مدد ۽ عوامي تعاون سان پاڪستان پاران وڌندڙ هر مشڪل جو بهادري ۽ عقلمندي سان مقابلو ڪنداسين، بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پرڏيهي وزارت ڪانفرنس جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ انتهائي متحرڪ ۽ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي جنهن پاڪستان ۽ مصيبت ۾ گهيريل عوام جي لاءِ بهتري جي راهه کولي. هن چيو ته 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثرين ۽ پاڪستان جي بحالي ۾ غيبي مدد کان گهٽ نه آهي، ايتري وڏي رقم جو پاڪستان کي ملڻ موجوده اتحادي حڪومت تي دنيا جي اعتماد جو اظهار آهي، اها وفاقي ڌرين ۽ 22 ڪروڙ عوام جي اتحاد جي ڪاميابي آهي، اها پاڪستان جي ٽيم ورڪ جي ڪاميابي آهي. وزيراعظم چيو ته وفاق ۽ اڪائين جي اهڙي ٽيم ورڪ ۽ قومي جذبي سان پاڪستان ۽ عوام کي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، هن امانت کي ديانتداري، شفافيت ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي حقدارن تائين پهچائينداسين، سڀني عالمي پارٽنرز خاص طور تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جا دل سان ٿورا مڃون ٿا، سدائين مهربان ڀاءُ سعودي عرب، عظيم دوست چين، ڀائر ملڪ ترڪيه جي قيادت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جا خصوصي طور تي ٿورا ادا ڪريان ٿو، جنهن ڪانفرنس کانسواءِ پاڪستان جي مالي مدد جو دلي کولي ۽ ڀائراڻو قدم کنيو آهي. پاڪستان جي عظيم ڀائر ملڪن گڏيل عرب امارات ۽ قطر جي قيادت جا خاص طور تي ٿورا ادا ڪريان ٿو، يورپي يونين، آمريڪا، جرمني، جاپان، فرانس سميت ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀني ملڪن جي قيادت جا ٿورا مڃون ٿا، عالمي مالياتي ادارن جو ٿورائتو آهيان، جن 3 ڪروڙ 30 لک ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن کي سمجهيو. وزيراعظم چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ، ورلڊ بئنڪ، اي ڊي بي، يو ايس ايڊ، ڊيفيڊ ۽ ٻين ادارن جا ٿورا مڃان ٿو. بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پرڏيهي وزارت ڪانفرنس جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ انتهائي متحرڪ ۽ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ڪانفرنس کي پاڪستان کي درپيش مالي مشڪلاتن کان آگاهه ڪرڻ، ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ گهربل وسيلن جي فراهمي ۽ عالمي مالياتي ادارن کي قائل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته احسن اقبال جي صوبن جي مشاورت سان هنگامي بنيادن تي جامع دستاويز تيار ڪيو، جنهن جي ڪري اها رقم پاڪستان کي ملڻ ممڪن ٿي سگهي. ان دستاويز ۾ نقصانن ۽ بحالي جي لاءِ مستقبل جو خاڪو ڏنو ويو آهي. احسن اقبال، شيري رحمان، سردار اياز صادق، حنا رباني کر ۽ مريم اورنگزيب کي سندن بهترين ڪوششن تي شاباس ڏيان ٿو. جنيوا ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي ساراهيان ٿو، توهان سڀني ”ٽيم پاڪستان“ بڻجي پاڪستان جي لاءِ ڪاميابي حاصل ڪئي، توهان سڀني تي فخر آهي، الحمدالله پاڪستان مشڪلاتن جي ڪُن مان نڪري رهيو آهي، الله تعاليٰ جي مدد ۽ عوام جي تعاون سان پاڪستان طرف وڌندڙ هر مشڪل جو بهادري ۽ عقلمندي سان مقابلو ڪنداسين.