اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڏي ڪاميابي آهي، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري، عالمي برادري جا ٿورا مڃون ٿا، شفافيت سان فنڊن جي امانت عوام کي پهچائينداسين، انهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻينداسين. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته انسانيت ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪاز کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي عالمي ۽ ملڪي ميڊيا جا ٿورا مڃون ٿا، هي ڪانفرنس انسانيت جي گڏيل احساس جي علامت بڻي آهي. هن چيو ته وسيلن جي فراهمي سان ٻوڏ متاثرين جي نئين ۽ بهتر زندگي شروع ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪانفرنس موسمياتي تبديلين جي سنگين اثرن جو دنيا کي احساس ڏياريو. هن چيو ته ڪانفرنس موسمياتي تبديلين جي گڏيل چئلينج جو گڏيل طور تي مقابلو ڪرڻ جي سوچ کي ايڪشن ۾ تبديل ڪيو آهي. ڪانفرنس انسانيت ۽ پوري زمين جي ماحولياتي بهتري ۾ اهم عالمي فورم ثابت ٿيندي. هن چيو ته عالمي فورم تي پاڪستان ۽ سڀني صوبن جو ڪيس پيش ڪرڻ ۽ ان جي حمايت ڪندڙ ملڪي ۽ غيرملڪي شرڪت ڪندڙن جا به ٿورا مڃون ٿا. ٻوڏ ايندي ئي وزيراعظم شهباز شريف سمورن صوبن ۽ ادارن کي گڏ وٺي جهڙي طرح گڏيل ڪوششون ڪيون، اهي ان جو ثمر آهن. اها اتحادي حڪومت جي گڏيل ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي.