اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ڳالهه ٻولهه ڪارائتي ثابت ٿي. جنيوا کانپوءِ سعودي عرب مان به پاڪستان جي لاءِ هڪ ٻي وڏي خوشخبري آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري 10 ارب ڊالر وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سعودي سرڪاري اعلان موجب سعودي ولي عهد جو اهو قدم وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه جي فريم ورڪ تحت ٿيو. پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر سيڙپڪاري جو اعلان 25 آگسٽ 2022ع تي ٿيو هو. سعودي سرڪاري اعلان موجب سعودي ولي عهد اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي رقم وڌائڻ جو جائزو وٺڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر ڊيپازٽ ۾ توسيع جو اعلان 2 ڊسمبر 2022ع تي ٿيو هو، اهي قدم سعودي عرب پاران ڀائر ملڪ پاڪستان جي معيشت ۽ ان جي عوام جي حمايت ۾ کنيا ويا آهن.