جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ورلڊ بئنڪ ايشيا ريجن جي نائب صدر مارٽن ريزر ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شيزن چن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي ۽ حڪومت جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم ورلڊ بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ امداد تي ٿورا مڃيا.