اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سمجهي ٿو ته پاڪستان جي سمورن علائقن جي نمائندگي جي ذريعي عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي ٻيهر آبادڪاري، نئين سر تعمير ۽ موسمي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ بابت پاڪستان جو ڪيس وڌيڪ بهتر طور تي پيش ڪري سگهجي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جنيوا ڪانفرنس جي پلينري سيشن ۾ شريڪ آهي جنهن ۾ صوبن جو موقف پيش ڪندي انساني همدردي جي رخ کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. ريزيليئنٽ پاڪستان جي لاءِ هن ڪانفرنس ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي موجود آهي.