جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته هيستائين عالمي برادري پاران 10.7 ارب ڊالر جا واعدا ڪيا ويا آهن، هي ڪانفرنس غيرمعمولي ڪاميابي رکندڙ آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ٽيم موثر انداز ۾ پاڪستان جو ڪيس وڙهيو. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس جاري آهي، اڄ پاڪستان جي لاءِ تمام اهم ڏينهن هو، پاڪستان کي ٻوڏ جي صورت ۾ تاريخ جي بدترين قدرت آفت کي منهن ڏيڻو پيو. احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي معيشت ۽ انفراسٽرڪچر کي ٻوڏ سان 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، عالمي برادري ۽ ترقياتي حصيدارن ٽن سالن ۾ پاڪستان جي لاءِ 16 ارب ڊالر جي ضرورتن جو اندازو لڳايو ته جيئن پاڪستان انفراسٽرڪچر بحال ڪري سگهي ۽ ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائي سگهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت 50 سيڪڙو وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ سان انتظام ڪرڻ جو وچن ڪيو هو، اسان جي اميد هئي ايندڙ ٽن سالن ۾ 8 ارب ڊالر عالمي برادري کان حاصل ڪنداسين، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته هيستائين عالمي برادري پاران 10.7 ارب ڊالر جا واعدا ڪيا ويا آهن، هي ڪانفرنس غيرمعمولي ڪاميابي رکندڙ آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ٽيم موثر انداز ۾ پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ڪاميابي ملي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا به ٿورا مڃون ٿا، جنهن ڪنهن به پاڪستاني کان وڌيڪ پاڪستان جو ڪيس پيش ڪيو، قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو اسان عالمي سطح تي تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، هاڻي ايندڙ مرحلي ۾ امدادي رقم ۽ پنهنجي وسيلن سان ملڪ ۾ نئين سر تعمير جو نئون سفر شروع ڪنداسين.