جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن ۽ عالمي ادارن مجموعي طور تي 9 ارب کان وڌيڪ امداد ۽ ٻين صورتن ۾ مدد ۽ تعاون جو واعدو ڪيو آهي، ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ ڊگهي حصيداري ضروري آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ جي ذريعي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنيوا ڪانفرنس جي ٽئين سيشن ۾ ”موسمياتي تبديلين جا پاڪستان تي اثر“ جي موضوع تي خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ٻوڏ سان بيٺل فصل ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو آهي. هن چيو ته عالمي برادري پاڪستان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، جنيوا ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن ۽ عالمي ادارن پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ 16 ارب ڊالر جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جنيوا ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن ۽ ادارن مجموعي طور تي 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ امداد جو واعدو ڪيو جڏهن ته انهن ٻين صورتن ۾ مدد ۽ تعاون جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ ڊگهي مدي واري حصيداري ضروري آهي، پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي پرائيويٽ پبلڪ حصيداري تحت ٿيندي. هن چيو ته اميد آهي ته جنيوا ڪانفرنس ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ جي ڪري سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، سنڌ ۾ ٻوڏ سان نقصانن جو ڪاٿو 9 ارب ڊالر آهي، ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدمن جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته سنڌ جي عوام سان عالمي برادري جي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٿورائتا آهيون، اميد آهي ته عالمي برادري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجي مدد جاري رکندي. هن چيو ته مشڪل جي گهڙيءَ ۾ مدد ڪندڙ ملڪن ۽ ادارن جا ٿورائتا آهيون، ڏيڍ ڪروڙ ٻوڏ متاثرين کي فوري مدد جي ضرورت آهي، ٻوڏ سان تعليمي ادارن، اسڪولن ۽ انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي جن جي بحالي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي چيو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ 30 سالا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ڪانفرنس کي خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري وزير تيمور ظفر جهڳڙا پڻ خطاب ڪيو ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٿيندڙ ٻوڏ جي نقصانن کان آگاهه ڪيو. ڪانفرنس جي ٽئين سيشن ۾ وزيراعظم شهباز شريف پڻ موجود هو جڏهن ته ان سيشن ۾ ٻين صوبن مان سياسي پارٽين جا نمائندا به شريڪ ٿيا.