جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ عالمي بئنڪ پاڪستان جي لاءِ 6.2 ارب ڊالر جي مدد جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران به پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبن جي لاءِ 1.5 ارب ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ عالمي بئنڪ تازي بدترين ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان ۾ موسمياتي ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي ۽ بحالي جي لاءِ جنيوا ۾ منعقد ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس جي موقعي تي ان مدد جو اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر محمد الجاسر چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ گروپ ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان کي 4.2 ارب ڊالر جي مدد فراهم ڪندو. ٻئي طرف عالمي بئنڪ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبن جي لاءِ 2 ارب ڊالر جي مالي مدد جو اعلان ڪيو آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ به ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستان جي لاءِ 1.5 ارب ڊالر جي مدد جو اعلان ڪيو. مختلف ملڪن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن پاران پاڪستان جي لاءِ مالي امداد ۽ مدد جي اعلانن سان پاڪستان جي قيادت جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ وڌ کان وڌ وسيلا جمع ڪرڻ جي ڪوشش کي ڪاميابي ملي آهي. ان ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪن به پاڪستان جي لاءِ مالي ۽ فني حمايت جا اعلان ڪيا آهن.