جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جنيوا ۾ آمريڪي اداري يو ايس ايڊ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر ائيزوبيل ڪولمين سان ملاقات ڪئي. ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي موضوع تي منعقد عالمي ڪانفرنس جي سائيڊ لائين تي ٿيندڙ ان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاٿر ماڻهن ۽ علائقن جي امداد، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ عالمي معاونت جي طريقيڪار بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي واري وزير آمريڪي ترقياتي اداري يو ايس ايڊ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر ائيزوبيل ڪولمين کي پاڪستان ۾ چوماسي جي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي حڪومت مشڪل اقتصادي حالتن جي باوجود ٻوڏ کان متاثر ماڻهن ۽ علائقن جي امداد ۽ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ پرعزم آهي. هن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ آمريڪي ترقياتي اداري يو ايس ايڊ جي ڪردار کي ساراهيو.