اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي حڪمن کي برقرار رکندي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) کي هدايت ڪئي آهي ته هو چار سال گذري وڃڻ جي باوجود لينڊ ايڪوزيشن جي متاثرين کي معاوضي جي ادائيگي ۾ ناڪامي جي وضاحت ڪري. صدر اهي حڪم شڪايت ڪندڙن امام بخش، محمد صالح، علي احمد، غلام حيدر، خدا بخش ۽ ظهور احمد جي ڪيس ۾ جاري ڪيا، جن الزام هنيو هو ته اين ايڇ اي اين – 85 جي تعمير دوران انهن جي گهرن ۽ دڪانن کي ڊاهي ڇڏيو ۽ معاوضي جي لاءِ انهن جي بار بار درخواست جي باوجود اداري ان حوالي سان پنهنجي قانوني ذميوارين کي پورو نه ڪيو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو جنهن ۾ اين ايڇ اي کي غيرمعمولي دير جي ذميوار آفيسرن/ اهلڪارن جي خلاف انڪوائري ڪرڻ ۽ ان جي نتيجا ملڻ جي 30 ڏينهن جي اندر تعميل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته بدقسمتي سان اين ايڇ اي چار سال کانپوءِ ان وقت معاوضي جي لاءِ ڪيس شروع ڪيو جڏهن متاثرين ان جي خلاف شڪايت جي شروعات ڪئي جيڪو اين ايڇ اي پاران بدانتظامي جي برابر آهي. صدر چيو ته اين ايڇ اي 8 مئي 2020ع تي ڏنل وفاقي محتسب جي پهرين حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ جي پابند هئي. صدر اين ايڇ اي جي اپيل کي رد ڪندي هدايت ڪئي ته هو وفاقي محتسب آڏو پيش ٿي عملدرآمد جي ڪارروائي ۾ پنهنجو موقف بيان ڪري، ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ته وفاقي محتسب جي حڪم تي 30 ڏينهن ۾ تعميل ڇو نه ڪئي وئي.