APP67-030123 LARKANA: January 03 - Chairman Pakistan People's Party and Foreign Minister Bilawal Bhutto Zardari talking with media persons during his visit the flood affected area of Sita Village near Dadu. APP/NAS/IQJ/TZD/FHA

دادو / اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سان اختلاف رهيا آهن ۽ اڳتي به هوندا، ايم ڪيو ايم سان معاهدي تحت هلڻ چاهيون ٿا، مسئلن تي ويهي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، بلدياتي چونڊن ۾ دير سان انتظامي معاملا متاثر ٿين ٿا، تحريڪ طالبان پاڪستان فتنو آهي، عمران خان ٽي وي تي بيان ڏنو ته اسان طالبان کي هتي آڻي رهايو، اسان کي امپورٽيڊ چوندڙ عمران خان دهشتگردي کي امپورٽ ڪندو رهيو، اڄ به پي ٽي آءِ جا نمائندا طالبان کي ڀتو ڏئي رهيا آهن، آئُون دهشتگردن کي نه آئون معاف ڪندس، نه حڪومت ۽ نه ئي قوم معافي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سڄي ملڪ جي ٻوڏ متاثرين جي نئين سر بحالي منهنجو مشن آهي، پنهنجي ماڻهن کي لاوارث نه ڇڏينداسين. دادو ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته 9 جنوري تي ٿيندڙ انٽرنيشنل ڪلائميٽ ريزيلينس ڪانفرنس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ٻوڏ متاثرين جي نئين سر بحالي جي منصوبن کي دنيا آڏو پيش ڪندا ۽ ڪلائميٽ ريزيلينس پاڪستان جي روڊ شو جو ان ڏينهن کان شروع ٿيندو. هن چيو ته سندس تازين ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جو مقصد اهو آهي ته هو اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته ٻوڏ متاثرين اڃا تائين مشڪل حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ائين نه ٿئي جو انهن کي پنهنجي سواءِ باقي دنيا وسري وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ هي ٻوڏ تاريخي هئي، جنهن بابت گڏيل قومن کان وٺي شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ پوري دنيا چئي رهي آهي ته ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ ٽيون حصو زمين ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏي ويو. اهڙا مثال ڪٿي نه ٿا ملن ته ملڪ جو ٽيون حصو ٻڏي ويو هجي، اها قيامت کان اڳ قيامت جهڙي صورتحال هئي. سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ اڃا به پاڻي موجود آهي، جڏهن ته جن علائقن مان پاڻي نڪري چڪو آهي اتي تباهي ئي تباهي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ کانپوءِ زراعت سميت هر شعبي ۾ بحران پيدا ٿي ويو آهي، صحت جو انفراسٽرڪچر بري طرح تباهه ٿيو آهي. اها صورتحال رڳو سنڌ ۾ ئي نه باقي سمورن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ به تعليم کي نقصان ٿيو آهي، پر رڳو سنڌ ۾ 50 سيڪڙو تعليمي ادارا تباهه آهن. هن چيو ته وسيلا گهٽ آهن، ٻوڏ کان بحالي جو مشن پورو ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. هن زور ڏنو ته اسان کي رڳو سنڌ نه پر خيبرپختونخواهه، بلوچستان، پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ به نئين سر بحالي جي ڪم کي يقيني بڻائڻو آهي. هڪ صحافي پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته عمران خان جون خواهشون ته تمام گهڻيون آهن، پر هو هر موقعي تي فيل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ٻه ڀيرا لانگ مارچ ڪڍي هو سوچي رهيو هو ته جلد اليڪشن ٿينديون، پر ان جي ضد پوري نه ٿي. هن چيو ته عمران خان جي سياست پاڻ ان کي نقصان پهچائڻ سان گڏ ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهچائي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اپوزيشن ۾ هوندي به ڪورونا وبا دوران حڪومت جو ساٿ ڏنو هو، ته اڄ مُخالف ڌر معاشي بحران کي سنجيدگي سان وٺي حڪومت جو ساٿ ڏي، پارليامينٽ اچي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ايم ڪيو ايم بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا هڪ ٻئي سان اختلاف رهيا آهن ۽ اڳتي به هوندا، پر اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم سان معاهدي تحت هلڻ چاهيون ٿا، مسئلن تي ويهي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هن زور ڏنو ته مڪاني حڪومتن جي نظام کي جيترو مضبوط بڻائي سگهجي ٿو، اسان بڻائينداسين، پر بلدياتي چونڊن ۾ دير سان انتظامي معاملا متاثر ٿين ٿا. ٻوڏ اچڻ کان اڳ ضمني چونڊن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ جي باوجود ڪامياب اميدوار اڃا تائين پنهنجي عهدن جو حلف نه کڻي سگهيا، جيڪڏهن اهي حلف کڻي وٺن ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پنهنجي ماڻهن جي مدد ڪري سگهيا پئي. دهشتگردي بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پوري دنيا گڏجي افغانستان ۾ جيڪو ڪم نه ڪري سگهندي هئي اسان اهو ڪم ڪيو، اسان وزيرستان، سوات ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردن جو صفايو ڪيو. هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان فتنو آهي. هن چيو ته عمران خان ٽي وي تي بيان ڏنو ته اسان طالبان کي هتي آڻي رهايو. عمران خان اسان جي شهيدن جي رت تي ٺاهه ڪيو، جيڪو اسان کي امپورٽيڊ چوي ٿو اهو دهشتگردي کي امپورٽ ڪري رهيو هو، اڄ پي ٽي آءِ جا نمائندا طالبان کي ڀتو ڏئي رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته دهشتگردن کي نه آئون معاف ڪندس، نه حڪومت ۽ نه ئي قوم معافي ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ دوران سرڪاري آفيسرن ۽ ٻئي عملي جي محنت ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج به ٻوڏ دوران امدادي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل عرب امارات سميت مختلف ادارن، ماڻهن ۽ ملڪن پاران ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ انهن جا ٿورا مڃيا ۽ اپيل ڪئي ته ٻوڏ متاثرين کي اڄ به انهن جي امداد جي ضرورت آهي.