
اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ گير اتفاق راءِ تي ٻڌل، ٺوس ۽ گهڻ رخي بجلي، گئس ۽ پاڻي جي تحفظ جي حڪمت عملي شروع ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته قومي اهميت جي قدمن تي عملدرآمد جي رفتار وڌائي پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري سگهي ٿو، توانائي جي بچت جي لاءِ شام جي وقت ۾ بازارن ۽ ڪاروبارن کي بند ڪرڻ جي وقت ۽ طريقيڪار جي تعين جي لاءِ سمورين ڌرين، بشمول واپارين ۽ چيمبرز آف ڪامرس جي نمائندن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ توانائي جي بچت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان ۽ پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ملڪ گير اتفاق راءِ تي ٻڌل ٺوس ۽ گهڻ رخي بجلي، گئس ۽ پاڻي جي تحفظ جي حڪمت عملي شروع ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته سمورين ڌرين بشمول صوبن سان مشاورت کانپوءِ ٺوس پاليسي ۽ پروگرام تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بجلي، گئس ۽ پاڻي جي تحفظ ۽ بچت جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دنيا جي بهترين مثالن تي ٻڌل پاليسيون ۽ حڪمت عملي تيار ڪرڻ، مقرر وقت جي اندر لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، قومي اهميت جي قدمن تي عملدرآمد جي رفتار وڌائي پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته اسلامي تعليم وسيلن جي گهڻي مقدار ۾ موجودگي جي باوجود تحفظ ۽ بچت تي زور ڏي ٿي. قرآن ۽ حديثن جي تعليم پُڻ پاڻي جي تحفظ تي زور ڏي ٿي ڀلي ڪو شخص درياءَ جي ڪناري تي وضو ڪري رهيو هجي، اسلام وسيلن جي زيان جي حوصلا شڪني ڪري ٿو. هن چيو ته پاڻي، گئس ۽ بجلي سميت قيمتي وسيلن جي استعمال ۾ پنهنجي روين ۽ طرزعمل کي بدلائڻ جي لاءِ اسلامي قدرن کي اختيار ڪرڻ گهرجي، توانائي جي بچت جي لاءِ شام جي وقت ۾ بازارن ۽ ڪاروبارن کي بند ڪرڻ جي وقت ۽ طريقيڪار جي تعين جي لاءِ سمورين ڌرين بشمول واپارين ۽ چيمبرز آف ڪامرس جي نمائندن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته برسات جي پاڻي کي ذخيرو ۽ استعمال ڪرڻ، ڇتين کي سولرائيز ڪرڻ ۽ ڇتين تي باغباني جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر بارڻ سان هلندڙ بائيڪ جي جڳهه اي بائيڪ جي استعمال جي ترغيب ڏيڻ جي خيال کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته اي بائيڪس جي فروغ سان نه رڳو موٽرسائيڪل مالڪ کي فائدو ٿيندو پر ٻارڻ جي درآمدي بل ۾ پڻ ڪافي حد تائين گهٽٽائي ايندي، پاڻي جي قيمتن جي تعين جي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ سمورين ڌرين جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته فلڊ ايريگيشن جي ڪري پاڻي جو وڏو حصو ضايع ٿي وڃي ٿو جنهن سان زمين مان غذائي جزا ختم ٿي وڃن ٿا، فصل جي پيداواري صلاحيت گهٽ ٿي وڃي ٿي، اتفاق راءِ تي ٻڌل پاڻي جي قيمتن جي پاليسي سان پاڻي جي موثر استعمال ۾ مدد ملندي. صدر سڄي ملڪ ۾ سمورن پبلڪ سيڪٽر جي عمارتن جي بجلي، گئس ۽ پاڻي جي آڊٽ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته ايوان صدر ۾ گرين پريزيڊنسي انيشي ايٽو جي مدد سان توانائي جي کپت جو بار 42.5 سيڪڙو گهٽ ٿيو، ايوان صدر ۾ هڪ ميگاواٽ جو سولر پاور پلانٽ قومي خزاني تي ڪنهن به قسم جي بار کانسواءِ نصب ڪيو ويو، ايوان صدر ۾ سولر پلانٽ جي تنصيب کانپوءِ 15 ڪروڙ کان وڌيڪ رپين جي بچت ٿي. هن چيو ته ايوان صدر جي توانائي جي بچت جي ماڊل کي پبلڪ سيڪٽر جي ٻين عمارتن ۾ نقل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان وٽ وسيع زمين ۽ پاڻي آهي جڏهن ته بدقسمتي سان ناڪافي زراعت ۽ پاڻي جي استعمال جي طيقيڪار جي ڪري اسان جي پيداوار ترقي يافته ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. هن چيو ته فارمنگ جي جديد طريقن ۽ ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻي مخصوص ماحول ۾ پنهنجا ميوا، ڀاڄيون ۽ فصل پوکي سگهون ٿا ان سان پاڪستان خوراڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿي سگهي ٿو ۽ ٻين مارڪيٽن ۾ انهن کي برآمد به ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته هالينڊ جي توانائي جي تحفظ جي طريقن مان سکڻ گهرجي جيڪو پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو آهي پر هو دنيا ۾ خوراڪ برآمد ڪندڙ ٻيو وڏو ملڪ آهي. هن چيو ته فرانس ۾ ڇتين تي وڻڪاري ۽ شمسي نظام جي استعمال جي لاءِ بلڊنگ ڪوڊز ٺاهيا ويا آهن جن سان انهن کي توانائي جي بچت ۾ مدد ملي رهي آهي. هن چيو ته فرانس ۾ موٽر ويز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان گرين انرجي پيدا ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملي آهي. ان طريقيڪار کي به استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو.