اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد علي لطيف جي اسٽيٽ بئنڪ جي بورڊ ۾ بطور نان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مقرري جي منظوري اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايڪٽ 1956ع جي سيڪشن 11 اي تحت ڏني آهي.