اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي معياري رهائش جي فراهمي جي لاءِ ماحول دوست، توانائي جي بچت ۽ ڪفايت شعاري تي ٻڌل تعميرات ۽ رهائش جي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ عمومي تعميرات کي فروغ ڏيڻ سان غريب ۽ هيٺئين وچولي طبقي کي گهٽ لاڳت ۽ سستي رهائش فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ شهري علائقن ۾ جڳهه جي گهٽتائي تي ضابطو آڻڻ، شهرن جي بنا منصوبابندي اضافي کي روڪڻ ۽ زرعي زمين کي قبضن کان بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن آف ايگزيبيشن انڊسٽري (پي اي اي آئي) جي اهتمام هيٺ ٻي پاڪستان انٽرنيشنل پراپرٽي ايڪسپو اينڊ ڪنوينشن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پي اي اي آئي جي باني چيئرمين خورشيد برلاس، هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي جي ميمبرن، واپارين ۽ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت تعميرات ۽ هائوسنگ جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ڇو ته ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيد اڪرڻ، ترقي ۽ معاشي ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ آبادي جي وڌندڙ رهائش جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن سمورين سطحن تي بنيادي شهري سهولتن کان محروم بنا منصوبابندي جي هائوسنگ اسڪيمون ٺاهڻ جي رجحان جي حوصلا شڪني تي زور ڏيندي چيو ته ڪنهن به هائوسنگ سوسائٽي کي ان وقت تائين منظور نه ڪرڻ گهرجي جيستائين اها ماحول دوست ۽ معاشري جي لاءِ هيٺئين طبقن جي ضرورتن ۽ هر سطح تي بنيادي شهري سهولتن کي پورو نه ڪري. هن شهري علائقن ۾ غيراستعمال ٿيل ڇتين تي سولرائيزيشن ۽ ٻوٽن کي فروغ ڏيڻ سميت گرين بلڊنگ جي طريقن کي اختيار ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ۾ جمالياتي لحاظ کان خوش ڪن تعمير کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. صدر چيو ته ڪو به معاشرو ان وقت تائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيستائين اهو معاشري جي ڪمزور ۽ غريب طبقن کي غربت جي ڄار مان نه ٿو ڪڍي. هن چيو ته ڪچي آبادين جي رهواسين جي بحالي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪچي آبادي شهري سهولتن جي کوٽ جو شڪار آهي، ملڪ ۾ هڪ جهڙي ۽ غريب دوست ترقي کي فروغ ڏنو وڃي ته جيئن ڪو به پٺتي نه رهي ۽ ترقي جا ثمر آبادي جي سمورن طبقن تائين پهچن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي هر شهري کي ذميواري سان سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي ۽ قابل، موثر ۽ موثر نمائندن کي چونڊڻ جي لاءِ سمجهداري سان ووٽ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته قيادت کي صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪرڻ، بدعنواني جي خلاف وڙهڻ ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ رياستي مشينري جي ذريعي فيصلاسازي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي اهليت هجڻ گهرجي. صدر چيو ته حڪومتي پاليسين جو هدف نجي شعبي جي مدد سان هڪ معاشي نظام جوڙڻ گهرجي ته جيئن ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ آبادي جي پٺتي پيل طبقن ۾ قيمتي قومي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقياتي سرگرمين ۽ قدمن کي ڪجهه شهري مرڪزن ۾ مرڪوز ڪرڻ بدران ملڪ جي گهٽ ترقي يافته علائقن کي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ جي لاءِ فعال قدم کنيا وڃن. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي ۽ شرڪت وڌائڻ جي لاءِ فعال ۽ عملي قدم کڻي. هن ڪم جي جاين تي هڪ سازگار، عورتن جي لاءِ دوستاڻي ۽ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ سميت عورتن کي واپار ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته معيشت جي سمورن شعبن کي هڪ جهڙي ترقي ڏيڻي پوندي، عوام ۽ نجي شعبن کي معيشت کي درپيش مسئلن جو ٺوس حل ڳولڻ گهرجي. هن پاڪستان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن ۽ انهن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قوم جي صلاحيت تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي سميت هر شعبي ۾ ماهرن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن ”برانڊ پاڪستان“ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ عالمي سطح تي گڏيل منصوبا ٺاهڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي سمورن حصن ۽ سڄي دنيا ۾ نمائش جي انعقاد، سيمينارز ۽ ڪانفرنسن جي انعقاد تي (پي اي اي آئي) جي انتظاميا کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي پي اي اي آئي جي باني چيئرمين خورشيد برلاس چيو ته پي اي اي آئي ”برانڊ پاڪستان“ کي فروغ ڏيڻ، پاڪستان جي ساک کي بهتر بڻائڻ سميت ملڪ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن بشمول قيمتي پٿرن، زيورات، راندين ۽ فارماسيوٽيڪلز کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قومي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي اٽڪل 500 مختلف تقريبن، ڪانفرنسز، سيمينارز ۽ ايڪسپورز جو انعقاد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي سيڙپڪاري، پرڏيهي ناڻي ۽ معاشي سرگرمين جي ضرورت آهي ۽ ملڪ جي واپاري برادري ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن ملڪ جي تعميراتي شعبي کي ريگيوليٽ ڪرڻ ۽ تعميرات ۽ هائوسنگ سيڪٽر سان واڳيل ماڻهن کي تربيت ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ صدر هائوسنگ ۽ تعمراتي شعبي ۾ ڪمپنين جي نمائندن ۾ انهن جي غيرمعمولي ڪارڪردگي تي شيلڊز ورهايون.