
ڪراچي – 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نومبر جي مهيني ۾ ٿيندڙ هڪ اهم مقرري کي آئين ۽ لاڳاپيل قانونن تحت ئي ٿيڻ گهرجي، اها مقرري لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ڪري سگهجي ٿي، ملڪ ۾ معاشي ۽ مالي استحڪام، سياسي صورتحال کي معمول تي آڻڻ ۽ اهم معاملن تي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ جي لاءِ سياسي ۽ لاڳاپيل ڌرين کي هڪ ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته نومبر جي مهيني ۾ ٿيندڙ هڪ اهم مقرري کي آئين ۽ لاڳاپيل قانونن تحت ئي ٿيڻ گهرجي جڏهن ته سندس راءِ ۾ اها مقرري لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته آزاداڻيُون، منصفاڻيُون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال تي اتفاق راءِ جي لاءِ لاڳاپيل فورمن جي ذريعي غور ڪري سگهجي ٿو ته جيئن چونڊن کانپوءِ ڌانڌلي جي الزامن کان بچي سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته جمهروي عمل جي تسلسل سان معاملا آخرڪار پنهنجي جڳهه تي اچي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته هو هڪ عاجز انسان آهي ۽ سندس خيال آهي ته بطور صدر سندس ڪارڪردگي جو تعين تاريخ ئي ڪندي، اهم مقصد ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي آهي. صدر وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا ماڻهن جي پهچ کي وڌايو آهي ۽ بنا ڪنهن وڏي خرچ جي لکين ماڻهن تائين رابطي جو ذريعو فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته ٽوئيٽر، واٽس ايپ، ٽڪ ٽاڪ ۽ فيس بڪ جهڙن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز پنهنجو جدا مقام ۽ جڳهه ٺاهي آهي. هن چيو ته اسان کي ان جي مڪمل حرڪيات، اثررسوخ، اهميت ۽ اثرن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي مثبت رخن کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي منفي نتيجن بشمول جعلي خبرن، غلط معلومات ۽ افواهن کان بچڻ ۽ محدود ڪرڻ سکڻ گهرجي. هن چيو ته ميڊيا ۾ رڳو انهن شين کي ئي نظر ۾ رکيو وڃي جيڪي مستنند، تصديق جوڳي ۽ ثبوتن تي ٻڌل هجن ته جيئن ڇڪتاڻ کان بچي سگهجي ۽ سياست ۽ اقتصاديات تي ڌيان ڏنو وڃي. صدر چيو ته اسان پاڙيسرين جي مقابلي ۾ اسان جي قوم ڪوويڊ 19 جي وبا جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو ۽ اسان تعليم ۽ مواصلات ذريعي ماڻهن جي زندگين ۽ روزگار کي بچائڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي روس يوڪرين جنگ جي ڪري ضرورت جي شين جي کوٽ ۽ مهانگائي سان گڏوگڏ تازو ئي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي پُڻ منهن ڏيڻو پيو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي تيز رفتار راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ وقت ضايع نه ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته هن مصنوعي ذهانت ۽ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۾ قيادت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي باڊي جي تجويز ڏني هئي ته جيئن لاڳاپيل ادارن ۽ کاتن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ هڪ واضح رخ فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته سندس راءِ ۾ اهڙن ترقياتي منصوبن ۽ قدمن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته صحيح وقت تي ڪيل صحيح فيصلا، معياري فيصلاسازي، عقل ۽ دانش، تربيت يافته ۽ قابل انساني وسيلن ۽ صحيح رخن ۾ مسلسل ڪوششن، هر حال ۾ قانونن جي شفاف ۽ منصفاڻي لاڳو، جذبي، ارادي ۽ مقصد سان ملڪ جي تيز رفتار ترقي ۽ خوشحالي ۾ مدد ملندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي گوادر بندرگاهه ۽ ٻين لاڳاپيل منصوبن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن، وڏي انگ ۾ غيرملڪي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جيل اءِ پنهنجي ڪم جي عمل ۽ نظام کي تيز ڪرڻ گهرجي ۽ دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. پاڪستان واپار ۽ ڪاروباري شعبن ۾ تيز رفتار ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته سينيئر صحافي ارشد شريف (مرحوم) پاران ملندڙ خط جي ڏس ۾ قانون موجب ضروري ڪارروائي جي لاءِ هن آئين جي حدن ۾ رهندي وزيراعظم کي خط لکيو.