APP62-120821 ISLAMABAD: August 12 - Federal Minister for Energy Muhammad Hamad Azhar calls on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان توانائي واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ توانائي جي مجموعي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي توانائي جي شبعي ۾ حڪومتي سڌارن واري ايجنڊا تي به بريفنگ ڏني وئي.