اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي حڪومت پاران ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جي تدفين جي اجازت لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جي تدفين جي اجازت ڏيڻ جي حوالي سان سريلنڪا جي حڪومت جي سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي آجيان ڪريون ٿا ۽ ان تي سريلنڪا جي قيادت جو ٿورو ادا ڪريون ٿا.