APP58-290121 SAHIWAL: January 29 – Prime Minister Imran Khan addresses during the launching ceremony of development projects and programmes under the Punjab Intermediate Cities Improvement Investment Programme. APP photo by Mustafa Lashari

ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي پنجاب حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آهي، قانون جي بالادستي سان خوشحالي ايندي آهي، وڏن وڏن ڌاڙيلن تي هٿ وجهڻ تبديلي آهي، هاڻي ڪو به وڏو ڌاڙيل اهو نه ٿو چئي سگهي ته اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، سڄي پنجاب جي عوام کي هيلٿ ۽ انشورنس جي سهولت ڏني ويندي، صحت کانسواءِ تعليم جي سرڪاري شعبي کي پڻ بهتر بڻايو ويندو، هلندڙ سال بلدياتي چونڊون ٿينديون جنهن سان مقامي سطح تي مسئلا حل ٿيندا، ساهيوال ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ٺاهي ويندي، مقامي طور تي تيار ڪيل سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هنيا ويندا، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم کي قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جهڙي طرح هن قبضا گروپ جا محل ڪيرايا آهن ان تي هو مبارڪباد جو مستحق آهي، قبضا گروپ هڪ لعنت آهي جيڪي غريبن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪن ٿا ۽ انهن کي انهن جي محنت جي ڪمائي کان محروم ڪن ٿا، ماڻهو قبضا گروپن جي اڳيان بيوس هوندا هئا.