APP04-17 LAHORE: October 17 - Special Assistant to the Prime Minister on National Security and Strategic Policy Planning, Dr Moeed Yusuf speaking during Meet the Press programme at Press Club. APP photo by Rana Imran

لاهور – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته ڀارت جي توسيع پسنداڻي ارادن سان خطي کي خطرا آهن، عالمي امن جي لاءِ پاڪستان جون قربانيون ڪنهن کان لڪيل نه آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت انسانن سان جانورن وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي اسان کي خبر آهي ته ڪشمير ۾ ڪهڙيون حالتون آهن، پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهي، اقتصادي لنگهه خطي جي ترقي جو منصوبو آهي. هو لاهور پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائي رهيو هو.