APP111-27 DOHA: February 27 – Prime Minister Imran Khan meets Emir of Qatar Sheikh Tamim bin Hamad Al Thani at Diwan-e-Amiri. APP

دوحا – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان قطر جي ديوان اميري ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سمنڊ پار پاڪستانين بابت وزيراعظم جو خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري به وزيراعظم سان گڏ هئا. ديوان اميري اچڻ تي قطر جي امير وزيراعظم ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي، ان کان اڳ قطر پهتو ته توانائي واري وزير سعد شريده الڪعبي وزيراعظم ۽ سندس وفد جو استقبال ڪيو.