اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي ترڪيءَ جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو آهي. پاڪ بحريه جو سربراهه دوري جي دوران ترڪش نيول فورسز جي مختلف تنصبات جو دورو ڪندو ۽ ترڪيءَ جي دفاع جي اعليٰ عهديدارن ۽ ترڪش نيول فورسز جي ڪمانڊر سان ملاقاتون ڪندو.